ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڊالر جي اونچي اڏام جاري آهي ۽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. سومر تي ڪاروبار کلندي ئي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 182 رپين کان وڌي وئي آهي.ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي شروع ٿي وئي ۽ واپار جي شروعات تي ئي ڊالر 182 رپين کان مٿي ٿي ويو. انٽر بئنڪ ٽريڊ دوران ڊالر 52 پئسا مهانگو ٿي 182 رپيا 30 پئسا ٿي ويو.










