ڊائلاگ ئي صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو: محنتي

ڊائلاگ ئي صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو: محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ملڪ کي بند گهٽي ۾ وٺي وڃڻ بدران گرينڊ ڊائلاگ ذريعي بحرانکان نجات ۽ سياسي توڙي معاشي صورتحال کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، روزو خالص الله لاءِ آهي اهو ئي ان جو بهترين اجر ڏيڻ وارو اهي، روزو رب سان وفاداري جو نالو اهي، رمضان المبارڪ جو مهينو طاغوت سامهون ڄمي بيهڻ جو پيغام ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي علاقه بن قاسم ڪورنگي ۾ عوامي دعوت افطار کي خطاب ڪندي ڪيو. ناظم علاقه بن قاسم ساجد عثماني، مولانا عبدالرشيد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته رمضان جو ڀلارو مهينو عظيم الشان ۽ سڀني مهينن جو سردار اهي، هن مبارڪ مهيني ۾ الله سان تعلق کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ قرآن کي ترجمي سان پڙهڻ سمجهڻ گهرجي. رمضان قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ جو مهينو ۽ ماڻهن جي دلين کي تبديل ڪرڻ وارو مهينو آهي، هن مهيني ۾ الله جي رحمتن، برڪتن مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ گهرجي ۽ زندگي جو آخري رمضان سمجهي گذارڻ گهرجي. دنيا ۾ رب جي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۽ الله کان مغفرت حاصل ڪرڻ گهرجي. الله تعالى هٿين خالي مسلمانن کي فتح مبين عطا ڪئي، الله پاڪ تي خالص يقين ۽ ايمان قائم هجي ته سڄي دنيا کي فتح ڪري سگهجي ٿو، رمضان جو آخري ڏهو شروع ٿي ويو اهو جهنم کان نجات جو ڏهو آهي، رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ پنهنجي زندگين ۾ تقوى پيدا ڪرڻ گهرجي ڇو ته تقوى الله پاڪ کي بيحد پسند آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو