ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره حبا علي ڇوڪرين ۾ مقابلي واري طبيعت ۽ حسد کي شادي خراب ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي.اداڪاره تازو هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هن پنهنجي ذاتي ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي بحث ڪيو.ڳالهه ٻولهه دوران ميزبان اداڪاره حبا علي کان پڇيو ته ڇوڪرين جا ڪهڙا عمل مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جدائي جو سبب بڻجي رهيا آهن؟ سوال جي جواب ۾ اداڪاره چيو ته ڇوڪرين ۾ مقابلي واري طبيعت ۽ حسد انهن جي شادي کي خراب ڪري ٿو.ڳالهه ٻولهه دوران اداڪاره پنهنجي هڪ دوست جي مثال ڏيندي چيو ته، “منهنجي دوست جي مڙس مون کي فون ڪيو ۽ چيو ته منهنجي زال سان منهنجو تعلق صرف ان ڪري خراب ٿي سگهي ٿو جو هوءَ پاڻ سان ۽ ٻين سان مقابلو ڪري ٿي ۽ مون کي شيون ٻڌائي ٿي.اداڪاره موجب، منهنجي دوست جي مڙس چيو ته منهنجي زال مون کي ٻڌائيندي رهي ٿي ته فلاڻي هي ڪار خريد ڪئي، فلاڻي اهو ماڊل خريد ڪيو پر توهان مون کي اڃا تائين اها ڪار نه ڏئي سگهيا آهيو. منهنجي دوست پنهنجي سالگرهه تي اهڙو لباس پاتو، تنهنڪري مون کي به ساڳيو لباس پائڻو پوندو.اداڪارا عورتن کي واضح ڪيو ته ‘هر شخص جي مالي حالت ٻئي کان مختلف هوندي آهي، ساڳئي طرح هر گهر جا قاعدا ۽ طريقا به ٻين گهرن کان مختلف هوندا آهن، تنهن ڪري پنهنجو مقابلو ڪنهن سان نه ڪريو’.حبا علي ڇوڪرين کي صلاح ڏيندي واضح ڪيو ته سوشل ميڊيا پڻ ڪيترين ئي ڇوڪرين جي ذهنن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، پر مان ڇوڪرين کي چوندس ته جيڪي ٻڌو ۽ ڪيو آهي ان تي عمل ڪرڻ بدران پنهنجي ذهانت استعمال ڪن.










