ڇتن ڪتن جي ويڪسينيشن بابت سنڌ حڪومت کي آخري مهلت

ڇتن ڪتن جي ويڪسينيشن بابت سنڌ حڪومت کي آخري مهلت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇتن ڪتن جي نظربندي ۽ ان جي ويڪسينيشن کان پوءِ انهن کي ڇڏڻ بابت منصوبي جي منظوري ۾ دير ڪرڻ تي صوبائي حڪومت تي تشويش جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عهديدارن کي 20 ڏينهن ۾ منصوبي تي عمل ڪري آخري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. رپورٽ مطابق جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ مقامي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو درپيش ايندڙ مشڪلاتن بابت ٽاسڪ فورس کي آگاهه ڪن. واضح رهي ته ڇتن ڪتن جي نظربندي ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ٽاسڪ فورس جوڙي وئي هئي. عدالت ٽاسڪ فورس کي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صحت کاتي جي انتظاميه جو چوڻ هو ته صوبي اندر سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسين جي مناسب انوينٽري برقرر آهي ليڪن تازو لاڙڪاڻي ۾ ڪتن جي چڪ هڻڻ سبب ٻار کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ان جي موت واقع ٿي. عدالت صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ سان ملي ان ڳالهه جو پتو لڳائين ته ڇا ان ٻار کي ويڪسين ڏني وئي هئي يا نه. بينچ صوبي ۾ ڪتن جي ڪاٽڻ وارن واقعن ۾ اضافي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين جي بحران بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. واضح رهي ته آڪٽومبر ۾ مقامي حڪومت جي سيڪريٽري پيش ٿي چيو هو ته جانورن جي حقن جي تحفظ لاءِ سوسائٽي جي مدد سان ڇتن ڪتن جي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انساني ريبيز خلاف هڪ پراجيڪٽ شروع ٿي چڪو آهي ۽ ڄاڻايل منصوبي جو پي سي ون هڪ هفتي اندر تيار ٿي ويندو ۽ منظوري لاءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کي پيش ڪيو ويندو. جنهن بعد هن مهل تائين بينچ ڄاڻايل منصوبي جي تڪميل لاءِ لڳاپيل انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا هدايتون جاري ڪيون آهن. بلديات کاتي جي هڪ عهديدار منصوبي متعلق پيشرفت رپورٽ ۾ چيو ته 1 ارب کان وڌيڪ جي رقم تي مشتمل ڄاڻايل منصوبي جي پي سي ون منظوري لاءِ 18 ڊسمبر تي منصوبابندي ۽ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين کي موڪلي ڇڏي آهي. بينچ ريمارڪس ڏنا ته پي سي ون 18 ڊسمبر تي موڪلي وئي آهي جنهن کان ظاهر ٿئي ٿو ته معاملي کي هٿ وٺي تاخير ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هي معاملو عوامي مفادن جي نوعيت جو اهي ۽ حڪومتي عهديدارن کي سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوهه بينچ ريمارڪس ڏنا ته سيڪريٽري، بلديات کاتو، سنڌ حڪومت ۽ چيئرپرسن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ کي 20 ڏينهن اندر پي سي ون تي غور ڪري ان جي منظوري کان پوءِ منصوبو مڪمل ڪيو وڃي. بينچ ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته اسڪيم جي منظوري کان پوءِ فورن اهو پروگرام سنڌ ۾ شروع ڪيو وڃي ۽ جاڳرتا مهم لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پيغام جاري ڪيا وڃن. بينچ وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته پروگرام جي آغاز دوران شڪايت سيل يا هيلپ لائن به بڻائي وڃي ۽ تمام ڊي ايم سي ۽ ڪينٽومينٽ بورڊ کي ڇتن ڪتن خلاف پنهنجي مهم جاري رکڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تائين وڌيڪ پيشرفت جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو