ڇا وزيراعظم استعيفا ڏيندو

ڇا وزيراعظم استعيفا ڏيندو

تحرير محمد فاروق ٻرڙو

صدر عارف علوي چيو آهي ته اسيمبليون نه ٽٽنديون ۽ نه ئي وزير اعظم استعيفا ڏيندو جڏهن ته اپوزيشن سان ھر معاملي تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ۽ اپوزيشن سان سياسي ٽڪراءَ گھٽ ٿيندو ھوڏانھن شيخ رشيد به اھڙي قسم جون ڳالهيون ڪندو نظر آيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومت جا 5 سال پورا ڪندو، ٻئي طرف پي ڊي ايم بابت مختلف ذريعن پاران جيڪي خبرون ملي رھيون آھن، تن ۾ اھو ڄاڻايو پيو وڃي ته پي ڊي ايم اختلافن جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ ھاڻي جي يو آء ۾ پيدا ٿيل ڏڦيڙ کان پوءِ ٻين پارٽين ۾ به ڏڦيڙ پوندو ۽ اھي سڀئي پارٽيون ھڪ ٻئي خلاف ٿي وينديون ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجو مدو پورو ڪندو اسان پنھنجن پڙھندڙن آڏو اھا ڳالھ اڳ به لکي چڪا آھيون ته جيتوڻيڪ حڪومت ۽ مخالف ڌر جون پارٽيون پنھنجون پنھنجو راڳ ڳائينديون نظر اچي رھيون آھن پر حقيقت اھا آھي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جون پارٽيون ھڪ اھڙي سرنگ ۾ ڦاسي پيون آهن جتان نڪرڻ لاءِ ڪنھن کي به ڪو رستو نظر نه اچي رهيو آهي  حڪومت ۽ مخالف ڌر جون پارٽيون اونداهي ۾ هٿوراڙيون هڻي رھيون آھن اسان جڏهن پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ڪيل فيصلن کي ڏسون ٿا، تڏهن جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو پنھنجي ان موقف کي ٻيهر ورجايو ته وزيراعظم عمران خان کي 31 جنوري تائين استعيفا ڏيئي گھر ھليو وڃڻ گھرجي پر ٻئي طرف ھن سي اي سي جي اجلاس ۾ ٿيل ان فيصلي کي ڪيترن ئي ريشمي پردن ۾ لڪل لفظن ذريعي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيپلزپارٽي سينٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺندي ۽ اسان حڪومت کي ھر فورم تي چئلينج ڪنداسين اسان جي خيال ۾ پ پ جو اھو فيصلو جيڪڏهن زميني حقيقتن آڏو رکي ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي ان سلسلي ۾ اڳ ته ڪا به وک نه وڌائي آهي ۽ رڳو لفظن جي حد تائين پيپلزپارٽي ڳالھيون ڪندي رهي آهي مثال طور ھڪ طرف پيپلزپارٽي سينٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڳالھ ڪري ٿي ته  ٻي طرف حڪومت پاران سينٽ جون چونڊون ھٿ مٿي ڪري ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ کان راءِ وٺڻ جي سلسلي ۾ داخل صدارتي ريفرنس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ ڪو  به قدم نه کنيو آهي ۽ نه ئي پي ڊي ايم ان سلسلي ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪا درخواست داخل ڪئي آهي، ظاهر آهي ته جڏهن صدارتي ريفرنس خلاف ڪا نه ڌر نه ھوندي ۽ اعلي عدالت ڪو به فيصلو يا تشريح ڪري ڇڏي ته پوءِ پيپلزپارٽي ڇا ڪندي يا پي ڊي ايم ان سلسلي ۾ ڇا ڪري سگھندو اسان سمجهون ٿا ته پي ڊي ايم ۾ ھن وقت  يارنهن پارٽين مان رڳو 3 پارٽيون اھڙيون آهن جيڪي اليڪشن ٿيڻ جي صورت ۾ ٿورو گهڻو حاصل ڪري سگھن ٿيون جڏهن ته پي ڊي ايم ۾ شامل انھن ٽن پارٽين کان سواءِ باقي پارٽين کي ته ڪجھ به ھڙ حاصل به ٿيندو، ان ڪري انھن ٽنھي پارٽين تي فرض ٿو عائد ٿئي ته اھي جيڪو ڪجھ سوچين يا ڳالھائين ٿيون تنھن تي اھي واضح موقف اختيار ڪن، اسان کي پي ڊي ايم جي ان موقف تي ان وقت حيرت ٿيئي ٿي جنهن ۾ ان فيصلو ڪري رکيو آهي ته وزيراعظم 31 جنوري تائين استعيفا ڏيئي گھر ھليو وڃي . جنھن جو اظهار بلاول ڀٽو به ڪيو آهي فرض ڪجي ته وزيراعظم استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته پوءِ ڇا قومي اسيمبلي به ٽٽي ويندي يا ان ئي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي ٻيھر چونڊ ٿيندي آئيني طرح جيڪڏهن وزيراعظم اسيمبلي نه ٿو ٽوڙي ته پوءِ قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي نئين چونڊ ٿيندي، اھڙي صورتحال ۾ به پي ڊي ايم کي ڪجھ به حاصل نه ٿي سگھندو ڇاڪاڻ ته ھن وقت قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ کي 13 ووٽن جي برتري حاصل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته تيستائين جي يو آء ۾ ٿيل ڏڦيڙ وانگر ٻين پارٽين ۾ به ڏڦيڙ پون ۽ ڪيترائي ميمبر ٽٽي حڪومت بئنچن تي کڻي نه به ويھن پر پي ٽي آءِ جي نامزد وزيراعظم کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اعلان ڪري ڇڏين، اسان سمجهون ٿا ته 18ھين ترميم کانپوءِ ھاڻ سڀئي اختيار وزيراعظم کي حاصل آھن، يعني وزيراعظم کي ھاڻ ڪو به ھٽائي نه ٿو سگهي، اڳ ته اھي اختيار صدر کي حاصل ھئا جن اختيارن جي استعمال سان وزيراعظم گھر ڀيڙا ٿيندا رهيا آهن، ھاڻ وزيراعظم کي ھٽائڻ لاءِ به رستا آهن ھڪ اھو ته وزيراعظم پاڻ استعيفا ڏئي گھر ھليو وڃي يا وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وڃي، بلاول ڀٽو به اھڙي ئي ڳالھ جو ھڪ ڏينھن اڳ پريس ڪانفرنس ۾ ذڪر ڪري چڪو آهي ته اسان وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري سگھون ٿا اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري ڪا رٿ پيش ٿئي ٿي ته پوءِ ان جو اھو ئي مطلب نڪري ٿو ته ايوان ۾ مخالف ڌر جي پارٽين کي اچڻو ئي پوندو جيڪا ڳالھ عمران خان به ڪري چڪو آهي ته ڳالھين جو بھترين فورم پارليامينٽ ئي آهي جتي مخالف ڌر جا اڳواڻ اچي ڳالھائين، بھرحال جيڪڏهن اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري ٿي ته اھا ڳالھ يقين سان چئي سگهجي ٿي ته اھا رٿ ناڪام ٿي ويندي باقي اھو ضرور ٿيندو جو ايم ڪيو ايم جھڙي پارٽي کي وزيراعظم کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ھڪ ٻيو موقعو ھٿ اچي ويندو ۽ اھا وزيراعظم کان پنھنجا ڪيترائي ناجائز مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، اھڙي ريت وزيراعظم لاءِ ٻيو اھو رستو به کليل آھي ته اھو خود ئي قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏي ۽ نئين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏي اھڙي صورتحال ۾ آئين تحت نگران وزيراعظم لاءِ جيڪي نالا تجويز ٿيندا تن بابت مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ گھر ويندڙ وزيراعظم کي گڏجي ڪنھن ھڪ نالي تي متفق ٿيڻو پوندو ھاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پي ڊي ايم آئين تحت نگران وزيراعظم کي نامزد ڪرڻ لاءِ سابق وزيراعظم يعني عمران خان سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندياسان جڏهن سڄي سياسي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺون ٿا تڏهن اسان کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته آئيني طرح حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي سڀئي رستا بند ٿيل نظر اچي رھيا آھن ۽ اھي ان صورتحال مان نڪرڻ به چاھين تڏهن به نڪري نه ٿيون سگھن جيڪا صورتحال ڪنھن خطرناڪ حالتن جو اشارو ڏئي رھي آھي ان ڪري اسان جي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي صلاح آهي ته اھي ھڪ ٻئي کي اکيون ڏيکارڻ يا ڌمڪيون ڏيڻ کي پاسيرو رکي ملڪ کي موجوده منجھيل صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ پنھنجون توانائيون خرچ ڪن ڇاڪاڻ ته انھي ۾ ئي ملڪ ۽ سياسي مانڊاڻ جي سلامتي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو