ڇا عوامي هنڌن تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي ناهي؟، جواب طلب

ڇا عوامي هنڌن تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي ناهي؟، جواب طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پابندي مڙهيل بور جي هٿيارن جي لائسنس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن جو لکت وارو حڪم جمعي 15 مارچ تي جاري ڪيو ويو آهي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي انهن ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو جيڪي آزاديءَ سان ممنوع هٿيار ڦٽا ڪن ٿا. بظاهر پوليس، گهرو کاتو ۽ گهرو وزارت کي عوام جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، شادي هالن، بازارن ۽ اسڪولن توڙي اسپتالن جي ٻاهران به ايس ايمز کليل نظر اچي رهيا آهن.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ڊالس ۾ ڏوهاري مقصدن لاءِ هٿيار کڻي ويندڙ ماڻهو نظر اچن ٿا پر پوليس کين نظرانداز ڪري ٿي.قانون جي پاسداري ڪندڙ شهري هٿيارن جي نمائش کان غير محفوظ محسوس ڪن ٿا. اهڙي ماحول ۾ جنهن جي لٺ ۽ مينهن واري فضا پيدا ٿي ويندي،عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته پوليس وٽ هٿيارن جي تصديق جو ڪو به ميڪنزم ناهي. ڇا عوام ۾ هٿيارن جي نمائش ڪرڻ وفاقي حڪومت جي پاليسي آهي؟ ڇا عوامي هنڌن تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي ناهي؟ سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي گهرو سيڪريٽري ذريعي حڪومت پاڪستان کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو