مومل ابڙو
سنڌ ۾ هارين جي تحريڪ جي ڳاله ايندي ته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو ايندو سنڌ جا پورهيت انهن جا ڏک سور انهن ڏکن سور جو درمان سنڌ ۾ حقيقي معني هو ته اهو باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو جنهن سڀ عيش عشرت ڇڏي ضمير جي سچائي سان اٽل ٿي بيهي پورهيتن هارين مزدورن جي حقن لاء جدوجهد ڪئي اهو ئي سبب هو سنڌ جي پورهيتن کي زنده هوندي ئي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي لقب سان نوازي بي لوث محبتن جا مڻ موٽايا باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ته 1970۾ وفات ڪري ويو ته سنڌ جا پورهيتن يتيم ٿي ويا لاوارث ٿي ويا سنڌ هاري ڪاميٽي ڄڻ ته ذرا ذرا ٿي ويا ڪامريڊ جتوئي جي وفات کان پوء سنڌ هاري ڪاميٽي مختلف اڳواڻن سنڀالي ۽ زبردست هلائي پوء آهسته آهسته کين جذبا پوڙها ٿيڻ لڳي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي به ڄڻ پوڙهي ٿيڻ لڳي 1930 ٺهندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي 1945کان 1970ع تائين هڪ اوج ڏٺو گهر ڳاڙو ڏاٽي وارو جهنڊو هوندو هو ۽ هاري انقلابي هاري حقدار جا نعرا هوندا هئا ۽ ڪچهري هونديون هيون پر اڳتي هلي سنڌ هاري ڪاميٽي وڃي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسين تائين پهتي اهي ورسيون به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو خاندان سندس پٽ شهيد مظهر جتوئي پنهنجي کيسي مان ڪندو هو باقي سنڌ هاري ڪاميٽي وڃي پڄاڻي تي پهتي هئي سنڌ هاري ڪاميٽي جڏهن اظهر جتوئي سنڀالي ته ان به سٺي نموني هلائي سنڌ جي سڀني اتحادن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي شامل رهي ۽ سنڌ هر قومي عوامي اشوز تي سنڌ هاري ڪاميٽي ٻين سياسي جماعتن سان گڏ بيٺل نظر آئي زبردست تحرڪ هو سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ ۽ هڪ اميد جاڳي پئي ته هاڻي وري پورهيتن هارين جي تحريڪ اٿندي ۽ پورهيتن کي حقن ملندا پر اظهر جتوئي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو بيمار رهڻ لڳو ته ڪارڪن ساٿي مايوس ٿيڻ لڳا ۽ ائين اظهر جتوئي زندگي جا آخري سالن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ڪمزور ٿي چڪي هئي ايتري قدر جو رڳو ورسي ڪميٽي وڃي بچي هئي 18نومبر 2020تي ڪامريڊ اظهر جتوئي بيماري سان وڙهڻندي زندگي جي جنگ هارائي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو ان کان پوء ڪجه وقت لاء ائين لڳو ته جڻ سنڌ هاري ڪاميٽي اظهر جتوئي سان گڏ ختم ٿي وئي پر اظهر جتوئي جي چاليهي جي تقريب ۾ اسٽيج سنڌ هاري ڪاميٽي جا سڄي سنڌ مان پراڻا ڪامريڊ اسٽيج نظر آيا يقين نه آيو ته هاڻي سنڌ هاري ڪاميٽي اٿندي ۽ منظم تنظيم جي صورت ۾ سامهون ايندي اهو ضرور محسوس ٿيو ته جتوئي صاحبان ورسيون ۽ سالگراهون ڪندا رهندا باقي مڙئي خير، مٿان ورسي اظهر جتوئي کان پوء سنڌ هاري ڪاميٽي ٻن گروپن ۾ ورهائيجي چڪي هڪڙو گروپ اظهر جتوئي جي سئوٽن جو هو ۽ ٻيو سنڌ هاري ڪاميٽي جي پراڻن ڪامريڊ ساٿين جو هو سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن 18فيبروري 2021تي نوجوان قيادت ثمرحيدر جتوئي کي صدر ۽ ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو جڏهن ته ٻئي گروپ ڪا اليڪشن نه ڪئي رڳو ون مين شو ٿي هڪ ئي اڳواڻ سامهون فيس بڪ تي نظر پئي آيو سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪنويشن ۾ چونڊيل اڳواڻ سرگرم ٿي ويا سڄي سنڌ جو دورو ڪيائون سندن ڀرپور موٽ ملي پر هر ڪنهن سمجهيو پئي ته نوجوان آهن ڪجه وقت جو شوق اٿن آخر ٿڪي گهر ويهي رهندا ڪجه ڪو نه ٿيندو پر ثمرحيدر جتوئي ۽ احمدنواز انقلابي سدائين ميدان تي نظر آيا بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ثمرحيدر جتوئي ۽ احمدنواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ سڀ کان پهريون قافلو سڀ رڪاوٽون ٽوڙي پهتو سڀ نوجوان هاري ڪارڪنن پرجوش پئي نظر آيا ڌرڻي جي اسٽيج تان ثمرحيدر جتوئي ۽ احمدنواز انقلابي هٿ هلائي قوم سان محبت جو اظهار ڪندي آٿٿ ڏئي رهيا هئا ته نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار ائين اسٽيج ئي هئا ته آسو گيس شيلنگ شروع ٿي جنهن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي زخمي پڻ ٿيو هو ان کان پوء گرفتاريون وٺ وٺان ٿي پر سنڌ هاري ڪاميٽي ميدان تي نظر آيا ۽ سنڌ هاري مسلسل جدوجهد ۾ متحرڪ نظر آهي سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف سنڌ هاري ڪاميٽر مسلسل متحرڪ نظر آئي سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن جا دورا ميٽنگون سرگرميون روزانو جي بنياد تي جاري رهيو ته سنڌ هاري ڪاميٽي جا مايوس ڪارڪنن هڪ دفعو ٻيهر جوڙڻڻ شروع ٿي ويا ۽ ائين ٽٽل زنجير هڪ دفعو ٻيهر جڙندي نظر آهي اها سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ جنرل سيڪريٽري احمدنواز انقلابي جي محنت هئي اسان ڏٺو ته سنڌ هاري ڪاميٽي جيڪو صرف نالو وڃي بچو هو اها هڪ منظم سياسي تنظيم جي صورت ۾ سامهون آئي آهي تازو باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي52هين ورسي تقريب ۾ هڪ ڳاله خوشئ جي سامهون آئي ته سنڌ هاري ڪاميٽي جي پنڊال ۾ 15 سالن کان پوء هارياڻيون عورتون نظر آيون جنهن پنڊال ۾ آء پاڻ به شامل هيس مون جڏهن ڏٺو ته گرائونڊ مڪمل ڦل ٿي چڪو هو ماڻهو سخت گرمئ باوجود هڪ ٻئي سان ملي ويٺل هئا ته مٿان سڄي سنڌ مان قافلن اچڻ جو سلسلو جاري هو اسٽيج تان سڄي سنڌ ۾ ايندڙ قافلن جي آجيان ڪئي وئي ڪامريڊ اظهر جتوئي کان پوء پهرين پروگرام هو جو سڄي مان قافلا پهتا هئا پنڊال ۾ ماڻهو ويهڻ جي گنجائش نه هئي پهرين ڪرسيون رکيل هيون پوء ڪرسيون هٽائي پٽ تي ويهاريو ويو پر پوء به سنڌ هاري ڪاميٽي جا ڪارڪن ۽ باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا چاهيندڙ پنڊال پورا نه اچي سگهيا گليون ماڻهن سان ڀريل نظر آيون غلام ڪلهوڙي جي مقبري جو گرائونڊ ڀريل نظر آيو ۽ سڀ ماڻهو پرجوش ۽ باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان محبت جو اظهار ڪندي نظر آيا هڪ دفعو ٻيهر حيدرآباد جيئي سنڌ جيئي هاري انقلاب جيئي پورهيت جينعرن سان گونجندي نظر آيو،
مون کي وڌيڪ خوش اها شئ ڏسي ٿي جڏهن گرائونڊ ڀرجي چڪو ماڻهو ويهڻ جي جڳه نه هئي ته ڪارڪنن کي ڌرتئ تي ويهاريو ٿي ويو ته ان وقت جونيئر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به مون کي انهن ڪارڪنن محبت ڪندي هيٺ گرائونڊ تي ويٺل نظر آيو ۽ بي انتها خوش لڳي رهيو سندس ضمير مطمئين هيس ته هو پنهنجي ساٿين دوستن سان گڏ ويٺل آهي مطلب سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ٿيل تقريب ۾ مون جتي اديب دانشور قومي اڳواڻ شاعر شاگرد استاد هاري مزدور پورهيت نظر آيا اتي شهيد مائي بختاور جون پوئلڳ هارياڻيون به نظر آيو ۽ ڏاڍي خوشي ته سنڌ هاري ڪاميٽي هاڻي اڀري رهي آهي سنڌ اندر جيڪو هڪ وڏو خال هو قيادت جي کوٽ هئي تنظيم نه هئي هاڻي ڌرتي ڌڻين وٽ هڪ منظم تنظيم سامهون آئي آهي جيڪڏهن ادا ثمرحيدر جتوئي،احمدنواز انقلابي ائين محنت جاري رکي ته سڌ هاري ڪاميٽي مستقبل قريب جي هڪ وڏي سياسي قوت طور بيٺل نظر ايندي ۽ سنڌ جي هارين پورهيتن مسڪينن جي خوشحالي جو سج اڀرندو ۽ باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو خواب ساڀيان ٿيندو ۽ سنڌ خوشحال ٿيندي سنڌ جا حق ڌرتي ڌڻين جي حوالي ٿيندي جاگيردار پير مير ڀوتارن کي شڪست ايندي ۽ حق جي فتح ٿيندي۔










