ڇا سنڌين کان جياپو کسڻ ڏوھ ناھي؟

ڇا سنڌين کان جياپو کسڻ ڏوھ ناھي؟

وفاسانوڻ نوحاڻي
سنڌڌرتي سان ظلم ناانصافيون ڪا نئين ڳالھ ناھن ھر وقت سنڌ سان ناانصافيون ٿينديو رھنديون آھن وفاق ۽ پنجاب سدائين سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو آھي ،پو۽ اھيو تيل ،گئس جي رائٽلي جي صورت ۾ ھجي ميگا پروجيڪٽس ھجن ،اين ايف سي ايوراڊ تي ڌاڙو ھجي ،سنڌ ،سدائين ڏاڍ،جبر پنھنجي ڀاء پنجاب ۽ وڏي سائين وفاق جو برداشت ڪيو آھي ،پر سنڌ ھونئن ب سورن ۾ آھي،پر تاريخ جا ورق ،واري ڏسنداسين ،ت سنڌ سان فوجي ڊڪينٽرن جي دور ،۾ ناانصافيون وڌيڪ ٿينديون آھن ،پر جھموريت جو ،جبو ،اوڍي ايندڙ ،نوازليگ ،جي حڪومت ب سنڌ لا۽ ڪنھن عذاب کان گھٽ ناھي ،رھي ،نوازشريف جي خود حڪومت ب سنڌوء درياھ کي سڪائڻ لا۽ کوڙ جتن ڪيا،پر سنڌين جي مسلسل جدوجھد جي ،نتيجي ۾ پوئتي ھٽندي رھي ،آ،۽ وري نئين سر ،نئي روپ ۾ سنڌوء تي وار ڪندي آھي سنڌوء کي سڪائڻ جي راھ تي گامزن وفاقي حڪومت ،توڙي ارسا،سدائين ھڪ طرفداری سان حملا ڪندا،جڏھن ميان صاحب ،ائٽمي ڌماڪو ڪيو ھئو ،ت ان سان ھن ڪالاباغ ڊيم جو اعلان جيڪو ڪيو ھئو ،اھو ب سنڌ تي ،ڪنھن ائٽمي حملي کان گھٽ ن ھئو ،ائين 1991ع جي معاھدي جون ب وفاق ۽ پنجاب سدائين ڌڄيون اڏايون آھن ، پنجاب سدائين سنڌ جو پاڻي فٻايو آھي ،پھرين پاڪستان ۾ پنجاب سنڌوء مان پاڻي چوري ڪندو ،ھئو ت سنڌ جي احتجاج تي جڏھن ان جي چوري کي روڪڻ لا۽ فورم ،جوڙيا ويا،ت پو۽ پنجاب وفاق جي طاقت سان چوري بجا۽ زبرستي ،ڏاڍ مڙسي سان پاڻي سري عام ڌاڙا ،ھڻڻ شروع ڪيا،ڪڏھن ڪئنال جي روپ ۾ ت ڪڏھن ڊيمن جي ديواري بند ٻڌي سنڌوء کي سڪائڻ جي ھر ،ممڪن ڪوشش ڪئي آھي ،تازو ھاڻ جيڪو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو آھي،،اھو آھي سنڌوء مان 4نوان واھ ڪڍيا ويندا،۽3 لنڪ ڪئنال ڪڍيا ويندا،جنھن سان پنجاب جي ،66 لک ،ايڪڙ ،ريگستانی زمين آباد ڪئي ويندي ،چولستان ڪئنال جي جڏھن ت ارسا،اين او سي ڏئي چڪي آھي ،وفاق جو فيصلو سنڌ دشمن ڪيو آھي ،پنجاب جي درخواست تي سنڌ لا۽ زھر قاتل منصوبا جوڙيا وياآھن ،۽ جڏهن ته ان قاتل منصوبي مطابق فتح مراد،ھاڪڙا،ھارن نالي سان نوان ڪئنال قائم ٿيندا ،۽چولستان ڪئنال ،رڳو خريف مند ۾ واھڻ جو فيصلو ٿيو آھي ،انھن منصوبن سان ،گريٽر چولستان جي 46لک ايڪڙ ۽ ڇوٽا چولستان لا۽ 19لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪيو ويندو ، ۽ گڏوگڏ،اڍائي لک ،ماڻھن جي پئيڻ جي پائي لا۽ تلاء،،۽،12,لک چوپايو مال جي لا۽ پاڻي فراھم ڪبو ،جڏھن ت اڳتي ھلي 3لک ،ايڪڙ،زمين بعد ۾ آباد ڪئي ويندي ،افسوس ت ھن قاتل فيصلي جي مخالفت ۽ احتجاج صرف سنڌ پاران ڪيو ويو جڏهن ته پنجاب،وفاق،بلوچستان ،ڪي پي ڪي ،ھن فيصلي ، ۾ ھڪ ھئا،جنھن چئن ميمبرن جي اڪثريت جي بنياد تي ،ھي بي بنياد فيصلو ڪيو ويو ، ڪالاباغ ڊيم جي ٽن صوبن مخالفت ڪئي وئي ھئي ،۽ھاڻ ھن ڌاڙي ۾ اسان وارا 3،اسان واري بيوقوف وڏي سميت گڏ آھن ۽ اسان تن تنھا،اڪيلا ھي سنڌوء جي بقا جي جنگ وڙھنداسين ،سنڌ اڳ ب پنھنجي حقن وسيلن ،لا۽ جدوجھد ڪئي آھي ،۽ ان کي حق ائين ناھي مليا،،اڄ سينيٽ ۾ حڪومت جي سينيٽر محترم
عرفان صديقي سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ چولستان ڪئنالن جي خلاف پ پ پ جي احتجاج جي موٽ ، ۾ تمام ،پراڻو ،ڪوڙو منافقي وارو دليل ڏنو ،ت اسان سنڌ جي حصي جو پاڻي ن کڻداسين ،اسان يعني پنجاب پنھنجي حصي جي پاڻي جي استعمال لا۽ ڪئنال ڪڍي پنھنجون زمينون آباد ڪرڻ ٿو چاھي ،ڇا،اھيو ،ڪو ،ڏوھ آھي ڇا،؟؟؟۽ بي شرم سينيٽر چوي ٿو،ت پاڻي جو ايشو ،ن آھي، صرف صحيح استعمال ڪيو وڃي ،۽ پاڻ جو زيان روڪيو وڃي،،او منھنجا،
پيارا،محترم ،عرفان صديقي صاحب ،تنھنجي انھي معصوماڻي تجويز جيڪا سنڌ جي تباھي جي تجويز آھي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي دلالي جو عظيم ڪردار آ،اسان انھن کي جوتي جي نوڪ تي رکون ٿا،،نوازليگ جا فيصلا سدائين سنڌ ۽ سنڌوء دشمن رھيا آھن 1999ع جي ٽوڪر ۽ صدمي ،مان اسان سمجھيو ت نوازليگ سبق پرايو ھوندو ،پر لڳي ٿو ت نوازليگ جي خون ۾ سنڌ دشمني جو ،جراثيم وڌيو آھي ،گھٽيو ،ناھي ،سنڌ جڏھن سدائين قرباني ڏني آھي ،پنجاب سنڌو کي سڪائڻ جي سدائين ھر ،ممڪن ڪوشش ڪئي آھي ،جناب ،جڏھن تربيلام ،منگلا،ڊيم ٺاھيا ويا ،تڏھن ب توھان چيو ھئو ،ت پنھنجو پاڻي استعمال ڪري بجليء پيدا ڪنداسين ،اونداھي ۾ ٻڏل ملڪ ،روشن ڪنداسين ،پو۽ ،ڇا،ملڪ ،روشن ٿيو ،ڇا،پنجاب پنھنجو پاڻي ڊيمن لا۽ ڏنو ،يا،ننڍن صوبن جو حصو کنيو ن ويو ،اھڙي بيوقوف صاحب توھان چشمال لنڪ ڪئنال ،جھلم ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال ب انھن ڪوڙن واعدن تي ڪڍيا ،۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو ويو ،۽ اڄ ب ساڳيو ،راڳ الاپي ،ساڳيو ،ڌاڙو ھڻن جي ڪوشش پيا ڪيو ،ھاڻ سنڌ جو عوام ،توھانجي اداڪاري ھلڻ ن ڏيندي،پنجاب جو ڪردار ،منافقي ،۽ غداري وارو ثابت ٿي چڪو آھي ،جيڪو سنڌ جي پاڻي سميت ، وسيلن تي رھيو آھي ،،دلال درٻاري سينيٽر عرفان صديقي صاحب ،توھان چيو ت ڏوھ ناھي ،پر آئون چوان ناقابل معافي ڏوھ آھي، ڇا ستر لک،ريگستان آباد ڪرڻ لا۽ ڪروڙين سنڌ جي زرخیز آباد زمين کي بنجر بڻائڻ ڏوھ ناھي سنڌ جي ساحلي پٽي ،بدين ،ٺٽو ،ٽنڊومحمدخان ،ڪراچي ،ميرپورخاض،عمرڪوٽ ،سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ انساني آبادي ،چوپائي ،مال سميت ھر ساھ واري جيوت کاري پاڻي ۽ ڪلر سميت تباھ ۽ برباد ،فنا ٿي ويندي،ڇا،اھيو ڏوھ ناھي،جڏھن ت سمنڊ ۾ مٺو ،پاڻي ن پھچڻ ڪري گھٽ پاڻي ،ملڻ سبب لکين ايڪڙ زمين سم،۽ ڪلر جي ور ،چڙھي آ،پئيڻ جو پاڻي مٺو مسئلو بڻيل آھي سمنڊ ھر روز زمين ڳڙڪائي پيو ،تباھي جا منظر آھن ،ڇا اھيو پاڻي سمنڊ ڏيڻ زيان ٿو ،سمجھين ،ڇا،اھيو ،ڏوھ ناھي ،توھان پنجاب پرست ، چاھيو ت سمنڊ ۾ پاڻي ن وڃي ۽ ان پاڻي سان پنجاب جي ريگستان آباد ڪيو وڃي ،۽ سنڌ ،کي مٺو پاڻي ن ملڻ ڪري سمنڊ ڳڙڪائي وڃي ، سنڌي کارو پاڻي پيئڻ ، جي ڪري ، بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري وڃن ،شھر سنسان بڻجي وڃن مال متاع پکي مڇي سميت ھر رھندڙ ساھ واري جيوت ختم وڃي،پنجاب آباد ۽خوشحال ٿي وڃي سنڌ،تباھ ئي برباد ٿي وڃي ،ڇا ،اھيو ،ڏوھ ،ناھي، ،سنڌوء درياھ جيڪو صدين کان سنڌ جي ملڪيت رھيو آھي ،ڇا ،اھو سنڌين کان کسڻ ڏوھ ،ناھي،سنڌ جي ڪروڙين ،،ماڻھن جي جياپي جو ذريعو سنڌوء درياھ آھي اھو انھن کان جياپي جو حق کسڻ ڏوھ ناھي ،اڙي سنڌ دشمن سڀ کان تاريخ جو وڏو ڏوھ ڪنھن کان جيئن جو حق کسڻ آھي ۽سڀ کان وڏو ڌاڙو،ڪنھنجو درياھ ڦٻائڻ آھي،اسان سنڌ جا،ڪروڙين وارث سنڌي جيسين زندھ آھيون تنھنجي سنڌوء درياھ جي فڙي فڙي جو دفاع ڪنداسين ،درياھ جي بقا جي جنگ وڙھنداسين ،اڳ ب وڙھي چڪا آھيون سنڌوء اسان جي تاريخ ۽تھذيب جو ،وارث آھي،ڇا،توھان اسٽيبلشمينٽ جي سھاري ،تي اسان کان درياھ کسي ويندا،ڏوھ ۽ ثواب ،جا،درس ڏئي،۽ اسان ڇھ ڪروڙ سنڌي توھان جي نظرن ۾ خاموش ٿي وينداسين ۽ پنھنجي جياپئ جي جنگ ن وڙھنداسين ، بلڪل توھانجي ڀل آھي ،ڪالاباغ ڊيم جي تحريڪ سان ،ئي نوازشريف ختم ٿي ھئي ،۽ائين چولستان ڪئنال ئي جي خلاف تحريڪ سنڌ دشمن نوازليگ حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪندي ،۽ سنڌوء سڪائڻ سنڌين کي اڃيو ۽ بکيو ،مارڻ جي منصوبا ٺاھيندڙن کي ڪرتوتن جي سزا ملندي، سنڌ ۽ سنڌوء درياھ ئي اسان لا۽ مقدس آھن جيڪو ب انھن تي وار ڪندو ،اھو ڏوھ معاف ن ڪبو ، باقي پنجاب ۽ وفاق تاريخي سنڌ جي اشوز تي ڪوڙا ثابت ٿيا آھن سنڌي اعتبار ڪري دوکي ۾ اچي سنڌوء درياھ تي سوديبازي ن ڪندا،پنھنجي تاريخي وجود جي بقا لا۽ جدوجھد ڪندا ۽سنڌ ۽ سنڌوء دشمنن کي شڪست ڏيندا،ھر فورم تي،۽ ھي جنگ منظم طريقي سان وڙھي حق حاصل ڪبي ،وفاق پرست پنجاب پرست ،حڪمران ھوش کان ڪم وٺن ،سنڌوء ۽ سنڌ دشمن منصوبن تان ھٿ کڻي وڃن ،ن ت جڏهن سڄي سنڌ،ميدان تي نڪتي ،ت پو۽ حڪمرانن جو ھوش،اڏامي ويندا ،ڌما ڌم مست قلندر ٿيندو ،پو۽ جاھل حڪمرانن کي خبر پوندي ت ڪنھنجي تھذيب تمدن درياھ سان ھٿ چراند ،ڪو ڏوھ ناھي ت ڇا آھي سنڌ جي جياپي سان کيڏي سنڌين کي پنھنجي ڌرتيء تي تڙپائي مارڻ ،اڙي ظالمو اھيو ڏوھ ناھي ڇا،،،

پهنجو تبصرو موڪليو