ليکڪ عبدالمجيد بروھي
اسلام آباد جي ماحول کي تمام خراب ڪرڻ ۾ شيخ رشيد ۽ خود وزيراعظم جو ھٿ آھي ھن وقت جڏنھن بي اعتمادي واري رٿ جي لاء اسيمبلي جي اجلاس جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ وارو آھي اسين ڏسون پيا تـ ھي اڳ ۾ ھميشا وڏي دليري سان چوندا ھيا تـ اپوزيشن وارن ۾ جيڪڏنھن ھمت آھي تـ اھي دير ڇو ٿا ڪن بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪن اچي ۽ اسان ٻئين ڏينھن تي اجلاس گھرائينداسين اپوزيشن وارن ھمت ڪري ھڪ ھفتو اڳ بي اعتمادي جي رٿ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي پر ھاڻي حڪومٿ ڊڄي پئي اھي اڃا تائين اسيمبلي جو اجلاس نـ پيا سڏائين اڄ ڪلھ عمران خان صاحب پنھنجا ھوش وڃائي چڪو آھي اھو اڳ ۾ صرف غلط ٻوليء جو استعمال ڪندو ھيو پر جڏنھن کان پ پ پ پاران تمام اپوزيشن کي گڏايوـويو آھي ۽ پ پ پ پاران ڪامياب عوامي مارچ ڪيو ويو آھي ان جي ٻولي اڃا وڌيڪ بيڪار ٿي وئي آھي اڄڪلھ عمران ۽ سندس درٻاري وزير گارگند سميت موتمار ڌمڪين تي لھي آيا آھن ۽ ان سان گڏ ھي پھرين حڪومت آھي جيڪا لا ۽ آرڊر کي صحيح ڪرڻ بجاء وڌيڪ خراب ڪرڻ جي چڪرن ۾ آھي عمران خان وزيراعظم ھوندي بي اعتمادي واري ڏينھن ڊي چوڪ تي ڏھ لک ماڻھون گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي پر شايد ان کان اھو وسري ويو آھي تـ ھو پاڻ وزيراعظم آھي ۽ امن امان برقرار رکڻ ان مٿان فرض آھي يا تـ ھو ھو سمجھي ويو آھي تـ ان ڏينھن سندس ڪرسيء جو آخري ڏينھن آھي انجي ڪري ھو حڪمراني واري تخت تان لھڻ بعد جلسو ڪري اھو چوندو تـ مجھي کيون نڪالا عمران خان ۽ شيخ رشيد کي اھو بـ ياد رکڻ گھرجي تـ ڊي چوڪ تي ھن صورتحال ۾ ھو ڏھ لک تـ ڇا پر ڏھ ھزار ماڻھون بـ گڏ ڪري نٿا سگھن جيڪڏنھن اھي اتي ماڻھون گڏـڪندا تـ پوء انھن سئو فيصد وڌيڪ ماڻھون اٿي پ پ پ وارا پنھنجا جيالا آڻيندا ن ليگ وارن جا لکين متولا اتي اچي ويندا ان سان گڏ جي يو آء ڏنڊا بردار ۽ لکين سپورٽر گڏ ڪرڻ مولانا صاحب آسان ڪم آھي ان سان گڏ وفادار خاندان اسفنديار ولي جا شير پڻ اتي ھزارن جي تعداد ۾ اچي سگھن ڪٿي ائين نـ ٿي جو بي اعتمادي رٿ واري ڏينھن ماڻھون گڏ ڪرڻ وارو پلان نيازي حڪومت جي پنھنجي ڳچي ۾ پئجي وڃي ان لاء ھزار ڀيرا انھن کي سوچڻ گھرجي تـ عوام بـ سندن مان مڪمل بيزار آھي ان سان گڏ سندس جا اتحادي پڻ انھن مان بيزار آھن ق ليگ وارا اپوزيشن سان ٺاھ ڪري چڪا آھن صرف اعلان باقي آھي جھانگير ترين گروپ ۽ عليم خان گروپ پڻ ن ليگ کي پيارا ٿي چڪا آھن وزيراعظم عمران ڪراچي آيو پر ساڻس پنھنجي اتحادي جي ڊي اي جي سربراھ پاران ملڻ کان انڪار ڪيو ويو ايم ڪيو ايم وارا ن ليگ ۽ مولاـا فضل الرحمان جي ضمانت تي صدر زرداري تي اعتماد ڪري چڪا آھن باپ بلوچستان عوامي پارٽي وارا پڻ عمران خان کان پري ڀڄي رھيا آھن ھي تـ سڀ اتحادي آھن حڪومت جا پر اپوزيشن وارن وٽ 20 کان مٿي قومي اسيمبلي جا ميمبر جيڪي پي ٽي آء کي الوداع ڪري اپوزيشن کي ووٽ ڏيڻ لاء اسيمبلي اجلاس ۾ ھر صورت ۾ پھچڻ لاء تيار آھن ھن وقت اپوزيشن پاران مڪمل تياري سان ميدان سجايو آھي جنھن سبب حڪمران سخت پريشانين ۾ ورتل آھن حڪمران ڌر وارا ھن وقت ڪجھ غير آئيني قدم کڻڻ جي ڪوشش ۾ آھن جيڪي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي استعمال ڪري ووٽ ڏيڻ ايندڙ پي ٽي آء جي ناراض ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ جو پلان جوڙيو ويو ھيو حڪومت جي ان غيرآئيني عمل کي آئيني طريقي سان روڪڻ لاء اپوزيشن بھتر حڪمت عملي جوڙيندي اپوزيشن جي 100 کان مٿي اسيمبلي ميمبرن جي صحيح سان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رڻڻ جو پلان جوڙيو ويو آھي جنھن بعد عدم اعتماد واري رٿ دوران اسيمبلي جي ڪاروائي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر نـ ھلائي سگھندا حڪمران ڌر وارا جذبات ۾ اچي پنھنجا سيڪريٽ پلان ميڊيا تي آڻي اپوزيشن وارن کي وڌيڪ ھوشياري جو موقعو فراھم ڪندا رھن ٿا حڪمرانن جا پلان سندن جي پنھنجي ڳچي پئجي رھيا آھن ھاڻي ھن ملڪ جي عوام کي يوم نجات جو جشن ملھائڻ جو وقت اچي چڪو ان جي لاء ايندڙ چوويھ ڪلاڪ اھم آھن ق ليگ ايم ڪيو ايم ۽ باپ پارٽي وارا حتمي اعلان ڪرڻ وارا آھن ھوڏانھن اپوزيشن اتحاد پر اميد آھي انھن موجب اتحادي انھن سان اتحاد ڪندا ۽ ان کان علاوا بـ انھن وٽ 172 کان وڌيڪ ووٽ آھن سياسي پنڊت پڻ اھو سمجھن ٿا تـ ق ليگ ايم ڪيو ايم وارا ٻڏندڙ ٻيڙي مان لھڻ لاء تيار آھن










