ڇا ايندڙ به حڪومت پي ڊي ايم جي هوندي؟

ڇا ايندڙ به حڪومت پي ڊي ايم جي هوندي؟

ناشاد شوڪت شنباڻي
ملڪ ۾ هن وقت وڏا وڏا سوال گردش ڪري رهيا آھن، وڏا وڏا بحث هن ملڪي سياسي صورتحال بابت ٿي رهيا آھن، ته ڇا ايندڙ حڪومت به سورنهنن مهينن جهڙي قائم ٿيندي؟ ڇا ايندڙ حڪومت به عوام سان ساڳيو حال ڪندي جيڪو حال سورنهنن مهينن ۾ ٿيو هو. يقنن جيڪڏهن پاڪستان جي هن صورتحال ۾ پي ڊي ايم جهڙي گڏيل حڪومت ٺهي ٿي ته پاڪستان وري هڪ وڏي مهانگائي ۽ تباهي جي ڪناري تي پهچندو جيڪو اڳ ۾ ئي ڪناري جي اڌ تائين پهتل آھي. پاڪستان کي ڇاهتر سالن ۾ صرف ترقي جا دلاسا ئي مليا آھن پر جديد سياسيت ۾ جيڪو انقلاب عمران خان پنهنجي سياسي حڪومت ۾ آندو اُن جو مثال نه ٿو ملي.ڇاهتر سالن جي وڏي عرصي ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي جيڪي مهانگايون ملڪ کي پيش آيون انهن تي تحريڪ انصاف جي حڪومت وڏو ضابطو آندو. پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت جڏهن آئي ته ايتري مهانگائي ڪا نه هئي جيڪا پي ڊي ايم جي اچڻ کان پوءِ آئي ان مهانگائي پاڪستان جي هيٺين طبقي کي جيترو رُلايو ان جو مثال به نه ٿو ملي. هاڻوڪي ملڪي صورتحال کي ڏسون ته اسان کي ملڪ ۾ سياسي بحران ڏسڻ وٽان ملندو نواز ليگ پيپلزپارٽي جي يو آئي سميت سڀئي ساڳيون پارٽيون گڏ ٿيڻ باوجود حڪومت ٺاهڻ ۾ وڏي تڪليف مان گذري رهيون آھن. هڪ پاسي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي دبنگ انٽري پي ڊي ايم يعني سڀني پارٽين کي لاچار ڪري ڇڏيو آھي.جنهن جي ڪري ڪيترن ئي سياسي پارٽين جي اڳواڻن استعيفائون ڏنيون آھن ته اسان کي هاڻي عوامي طاقت حاصل ناهي اُن ڪري پارٽي جي سربراهي ڇڏيون ٿا. هي هڪ وڏي ڳالھ پڻ آھي پارٽي جا ميمبر ڪامياب نه سهي پر سربراھ ته ڪامياب ٿئي پر هتي عوام تحريڪ انصاف کان سواءِ سڀني پارٽين کي رد ڪيو آھي ۽ مثال قائم ڪيو آھي ته اسين صرف ئي صرف تحريڪ انصاف سان گڏ آھيون.هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهي سگهندي؟ اُن بابت جلدي فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آئي پنهنجون زوري هارايل سيٽون عدالتن ڪورٽن ۾ چئلينج ڪيون آھن جن تي جيڪڏهن فيصلو پي ٽي آئي جي حق ۾ وڃي ٿو ته تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪا به دشواري پيش نه ايندي. پر هن وقت سياست اندر زوري کٽرايل سيٽن تي جيڪڏهن نون ليگ پي ڊي ايم جماعت سان ساڳي حڪومت وري قائم ڪئي ته نون ليگ جو صفايو يقيني آھي. پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف سان ڳالهيون چاهي ٿي پر تحريڪ انصاف اُن طرح جي سياست کي ٺڪرائي ٿو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي حڪومت ڪرسي جي لالچ هجي ها ته پي ڊي ايم جي حڪومت ٺهي ئي نه ها ان وقت به پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف کي آڇ ڪئي پر عمران خان اُها آڇ قبول نه ڪئي نتيجي ۾ پي ڊي ايم حڪومت ٺهي. ڏٺو وڃي ته سياست ۾ سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو اتحاد ٿي سگهي ٿو پر تحريڪ انصاف هنن ٻنهي جماعتن سان ڪڏهن به اتحاد نه ڪندي ڇاڪاڻ ته هي جماعتون پاڪستان کي خانداني انداز سان ڇاهتر سالن کان تباھ ڪنديون پيون اچن. مسلم ليگ نون جي سياست جي تاريخ تمام وڏي آھي پر انهن به پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ لنڊن آمريڪا جهڙن وڏن وڏن ملڪن کي مضبوط ڪيو پاڪستان جو پئسو ٻاهرن ملڪن ۾ موڪلي پنهنجا گهر ۽ پلاٽ ٺهرايا جنهن جي نتيجي پاڪستان اڄ به ساڳين حالتن ۾ آهي.پاڪستان جي سياست ۾ جيڪڏهن تبديلي هنن ٻنهي جماعتن کان علاوه ڪا جماعت اچي ٿي ته اها پاڪستان لاءِ خوش آئين ڳالھ آھي جو ڪجھ ته احساس ٿيندو ته هنن کان سواءِ پاڪستان ڪيئن ٿو ترقي ڪري. پر جيڪڏهن ايندڙ حڪومت به مليل جهليل ثابت ٿي ته پاڪستان ساڳيون مشڪلاتون ڀوڳيندو ۽ ملڪ وري هڪ وڏي مهانگائي طرف وڌندي نظر ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو