چپڙي يڪتاري  جو من موھيندڙ واحد  فنڪار جلال چانڊيو

چپڙي يڪتاري جو من موھيندڙ واحد فنڪار جلال چانڊيو

وفا ولي محمدڦل
سنڌ سونھاري ۾ اھڙا کوڙ فنڪار آھن جن پنهنجي ڌرتي تي فن جي ڏات سان پنهنجو نالو ڪمايو ۽ اڄ تائين سندن جي اعليٰ فن جي قدرتي ڏات کي وساري نه ٿو سگهجي اھڙو ءي ھڪ عظيم سريلي فنڪار سنڌ جو يڪتاري چپڙي جو بي تاج بادشاه سڏيو ويندڙ جلال چانڊيو ڦل ڀرسان ڳوٺ کبڙ وڳڻ ۾ 1944ع ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ تولد ٿيو جلال چانڊيو ننڍي هوندي مال به چاريو تنهن بعد سندس والد مورو ڀرسان درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو جتي جلال ريڊيو، فونو وسيلي فنڪارن جا ڪلام به ٻڌندو هو ۽ درزڪو ڪم بجاءِ کيس کي ڳائڻ تي شوق زيادهه هو استاد کيس مار به ڏني پر جلال درزڪو ڪم سان دلچسپي نه رکي ۽ اتان واپس ڳوٺ کبڙ وڳڻ اچي وري ٻڪريون چارڻ لڳو. جتي به جلال فن سان عشق هجڻ ڪري لڪڙن جون ڪاٺيون کڻي ۽ ڪاٺ جون چپڙيون ٺاهي پيو جهر جهنگ ڳائيندو هو. نيٺ سندس والد جلال جي فن سان محبت ڏسي گهوٽڪي ضلعي ۾ استاد علي گل مهر وٽ فن جي باقاعدهه تربيت لاءِ ڇڏيو ۽ سندس شاگرد بڻيو. پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن، فقيرن جي اڱڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو ته سندس آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه هو جلال چانڊيو جنهن دور ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهر جهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج هو. هن ان دور ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري 1970 ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي انهي ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت ۾ دروازا کلڻ شروع ٿي ويا نج ڳوٺاڻي انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آڻي چپڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام جام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ته ان دور ۾ غير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جي ٻي بي تاج بادشاهه فنڪار طور اوج ماڻي ورتائين سنڌ ۾ جلال جلال ٿي ويو. سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا. سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيون. ريڊيو، ٽيليويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا. 1985 ڌاري جلال چانڊيو جو انتهائي عروج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاء جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سندس فلم جلال چانڊيو ٺاهي. جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي ھلڻ لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهيَ فلم ۾ خوبصورت ڪوءل جي آواز جھڙي گلوڪارا رونا ليلىٰ به فلم ۾ گانو ڳايو انهيءَ فلم کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي. جلال هاڻي واقع جلال ٿي اڀريو سندس جا ڪيترائي ڪلام مشهور ٿي ويا جن ۾ ”ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو، نه ٿا سار لهو ته ڪو مُئو يا بچو“ ”جهڙي ٿئي مست جواني تهڙي آ رات سهاني، ويهون يار ڪيون پيار ڇڏ وڃان وڃان“ يا وري ڪاڇي طرف ته ”گج گج گوڙ ڪاڇا ٻوڙ، ته يار اڱڻ ول آوي“ يا ” رات محفل هئي پر مگر منهنجو دلبر ڪو نه هو“ سميت 10 هزار ڪلام ڳايا. جلال کي سچل، لطيف ايوارڊ شھباز ايوارڊ سميت ڪيترائي انعام به مليا. لاڙڪاڻي ۾ محفل دوران گوپانگ برادري پاران کيس کي فن جي ڏات عيوض سونو تاج پارايو ويو ـ جلال چانڊيو جي ته رڳو فن سان محبت نه هئي ليڪن هو سخي، مهمان نواز شخصيت به هو. اوطاق تي سدائين ميلا متل هئا جلال گهوڙن ۽ ڀلي نسل جون مينهون ڌارڻ جو به شوقين هو. جلال چانڊيو سان جيڪو به نئون دوست يا پرستار ملندو هو ته ڄڻ جلد ۾ پاڻ ۾ گهرو دوست بڻائي ڇڏيندو هو ۽ خدمت چاڪري سندس خوبي هئي. جلال فن جي مقبوليت ۾ دبئي، ھانگ ڪانگ مسقط سعودي، ابوظهبي ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو ۽ کيس زبردست داد مليو. مرحوم جلال چانڊيو 3 شاديون ڪيون جن مان سندس فرزند قلندر بخش، دلبر جلال چانڊيو باقاعدهه فنڪار آهن دلبر جلال ته هوُ بهو پنهنجي پيءُ جون سڪون لاهي ٿو. ٻيا فرزند معشوق چانڊيو، نادر علي چانڊيو به موجود آهن. جلال چانڊيو 2000ع جي شروعات ۾ گڙدن جي بيماري سبب نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيو جڏهن سندس پرستار، دوست طبيعت پڇڻ لاءِ ايندا هئا ته يا ڦل شهر جا دوست ايندا هئا ته جلال خوش ٿي پوندو هو ته توهان جي اچڻ سان ڄڻ منهنجي اڌ بيماري ختم ٿي وڃي ٿي. جلال چانڊيو گڙدن جو علاج ڪرائي واپس ڦل شهر آيو ڪافي وقت علاج هيٺ رهڻ بعد آخري وقت ۾ وري جلال ڪراچي نيشنل اسپتال ۾ 10 جنوري 2001ع ۾ اسان کان هميشهه لاءِ وڇڙي ويو ۽ سندس جنازهه نماز ۾ هزارين دوست فنڪار، پرستار شريڪ ٿيا.جنازي ۾ 5000ھزار اجرڪ پيش ڪيا ويا سندس آخري آرامگاهه غريب محلا ڦل شھر نوشھرو فيروز ۾ آهي ثقافت کاتي اڃان تائين سندس جي ورسي سرڪاري طور تي ملھاءڻ جو ڪو به پروگرام ناھي ڪيو انڪري ھن سال به سندس ورسي نھايت سادگي سان ملھاءي پءي وڃي ـ

پهنجو تبصرو موڪليو