راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل آهي ۽ وقت جي هر ڪسوٽي تي هميشه پوري لٿي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ چين جي پيپلز لبريشن آرمي (PLA) جي قيام جي 99هين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ چين جي دفاعي اتاشي ميجر جنرل وانگ زونگ ۽ چيني سفارتخاني جي عملدارن شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا، جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير معزز مهمانن جي آجيان ڪئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پيپلز لبريشن آرمي کي ان جي 99هين سالگرهه تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چين جي دفاع، قومي ترقي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پي ايل اي جي نمايان خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل آهي ۽ وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. سندس چوڻ هو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي بدلجندڙ چئلينجن باوجود پاڪستان ۽ چين جي دوستي هميشه مضبوط رهي آهي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ۽ پيپلز لبريشن آرمي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ حقيقي ڀائيوار آهن.
ان موقعي تي پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ تقريب جي انعقاد تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا ٿورا مڃيا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي خدمتن ۽ قربانين کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب، چيني سفير پاڪستان جي اٽل حمايت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.










