چين پاران ايران جي پرامن ايٽمي استعمال جي حمايت جو اعلان

چين پاران ايران جي پرامن ايٽمي استعمال جي حمايت جو اعلان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين ايران جي پرامن ايٽمي استعمال جي حق جي حمايت ڪئي آهي.هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي جي مطابق، چين جي نائب پرڏيهي وزير ليو بن بيجنگ ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ چيو ته چين ايران جي ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال جي جائز حق جي حمايت ڪري ٿو.چيني نائب پرڏيهي وزير چيو ته چين ايران خلاف طاقت جي ڌمڪين جي مخالفت ڪري ٿو.چيني نائب پرڏيهي وزير چيو ته چين ايران تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پابنديون لاڳو ڪرڻ جي به مخالفت ڪري ٿو.چيني نائب پرڏيهي وزير ايراني ايٽمي مسئلي جي مناسب حل کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجيون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ چين جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو