چيني مهاڻا پهچي ويا، سنڌي ۽ بلوچ دربدر، عزيز سنگھور

چيني مهاڻا پهچي ويا، سنڌي ۽ بلوچ دربدر، عزيز سنگھور

اڄ ڪالهه اسلام آباد ۾ ھڪ مصنوعي سمنڊ ٺاهيو ويو آهي، ان سمنڊ ۾ مڇيون ناھن، ان باوجود آڪشن حال قائم ڪيو ويو آهي، ان آڪشن حال ۾ مڇين جي نيلامي نه پئي ٿي، بلڪه سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي ڦهليل 11500ڪلوميٽر ڊگهي سمنڊ کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، سمنڊ جو واڪ لڳايو پيو وڃي، ھڪ اطلاع موجب تقريبن ھڪ سئو چائنيز جھازن کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي حد ۾ مڇي مارڻ جا لائسنس ڏنا ويا آهن، انھن مان ارڙنهن کان ويهه جھاز سنڌ ۽ بلوچستان جي سمنڊ ۾ پھچي چڪا آهن، اھي ماھي گيري جي نالي تي سامونڊي حيات جي نسل ڪشي ڪرڻ جي منصوبا بندي ۾ آھن، بلڪه اھو پڻ چئي سگهجي ٿو ته ھي ماھي گير دشمن پاليسي آهي، سمنڊ جا اصل وارث سنڌي ۽ بلوچ ماھي گير آهن، انھن کي پاليسي ساز معاملن کان بيخبر رکيو آهي، ماھي گيرن جي مرضي کان بغير رياستي طاقت جي ذريعي سندن ملڪيت (سمنڊ) جي نيلامي ڪئي پئي وڃي، لکين ماھي گير ڪيٽي بندر (سنڌ) کان وٺي جيواني (بلوچستان) جي ساحلي پٽي تي پنهنجي جهوپڙين ۾ ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جتي نه پيئڻ لاءِ پاڻي آهي، نه علاج لاءِ ڊاڪٽر ۽ نه ئي سندن اولاد لاءِ تعليم جي سھولت ميسر آهي، ماھي گيرن جو ڪو پرگهور لهڻ وارو ناهي. اسلام آباد جي ايوانن ۾ مقامي ماهي گيرن جي فلاح بھبود لاءِ ڪا به جامعه پاليسي نه پئي ٺاهي وڃي ۽ نه ئي ماھي گيري جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪا پاليسي مرتب ڪئي پئي وڃي، بلڪه وزير ۽ بيوروڪريسي پنهنجا کيسا گرم ڪرڻ لاءِ ماھي گير دشمن پاليسيون ٺاھي رهيا آهن، جنهن سبب اڄ ماھي گيري جي صنعت آخري سڏڪا ڀري رھي آھي ۽ ماھي گير ڪميونٽي غربت ۽ بدحالي جو شڪار ٿي چڪي آهي. فشريز ھڪ صوبائي معاملو آهي، وفاقي حڪومت صوبائي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪري سڄا معاملا پنهنجي ھٿ ۾ ڪري چڪي آهي، پاليسي ساز فيصلن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ايوانن ۾ موجود عوامي نمائندن سان مشاورت نه پئي ڪئي وڃي، پنهنجي مرضي جون پاليسيون ترتيب ڏنيون پيون وڃن، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم آهي، جيڪا نيب زده آهي، پارٽي جي مرڪزي قيادت آئي ڏينهن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سندن پنهنجي ٻيڙي ڪرپشن جي وجه سان ٻڏي رهي آهي، ھو ڇاغريب مڇيرن جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي پار لڳائڻ لاءِ سھارو ڏئي سگهندا، سنڌ حڪومت ۾ ايتري جرئت ناھي جو ھو وفاق پاران صوبائي خودمختياري جي خلاف ورزي خلاف آواز اٿاري سگهي، پي پي حڪومت ھڪ ڪمزور ۽ وفاق سامهون بليڪ ميل ٿي چڪي آهي. انھي جيان بلوچستان ۾ ڄام ڪمال حڪومت به ھڪ ڪٺ پتلي حڪومت آهي، بلوچستان ۾ 2018 واري عام چونڊ ۾ ھڪ منصوبا بندي تحت سياسي قيادت کي چونڊ کان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن جي جگهه تي غير سياسي ماڻهن جي ڀرتي ڪئي وئي، ان غير سياسي قيادت ۾ سياسي جرئت جو فقدان آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا همت آهي، انهن کي معلوم آهي ته ھو جنھن منصب تي فائز آهن اھو منصب اسلام آباد جي مھرباني سان مليو آهي، اڄ ڄام حڪومت جي حالت انھن غريب مڇيرن کان به بدتر آهي، گھٽ ۾ گھٽ غريب مڇيرا ڪنهن پليٽ فارم تي پاڻ مٿان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاري سگهن ٿا، ڄام حڪومت ۾ اھا به جرئت ناهي. ويهه لک ماڻهو ماھي گيري شعبي سان وابسته آهن، ماھي گيري صنعت سان لکين ماڻهو جو روزگار جڙيل آهي سندن گھر جو چلھو ماھي گيري سان ھلندو آهي، مگر چائنيز جھازن جي دخل اندازي سان لکين ماھي گير بيروزگار ٿي ويندا، سندن گھرن جا چلھا بند ٿي ويندا ۽ ھو هڪ ويلي جا محتاج ٿي ويندا، سندن خوشحال زندگي بدحالي ۾ تبديل ٿي ويندي. ھن وقت مقامي ماھي گيرن جي وجه سان حڪومت کي مڇي جي ايڪسپورٽ سبب اربين روپيا پرڏيهي ناڻو حاصل ٿئي ٿو، مگر انهن جھازن کي سمنڊ ۾ ماھي گيري جي اجازت ڏيڻ سان حڪومت جي آمدني متاثر ٿيندي. ھنن چائنيز جھازن کي فيڪٽري شپ جھاز سڏيو وڃي ٿو، جنهن اندر مڇين کي محفوظ رکڻ لاءِ باقاعدي پروسيسنگ يونٽس ٿيندا آهن، ھڪ پاسي ھو مڇين جو شڪار ڪري رھيا ھوندا آھن ته ٻئي پاسي ھو مڇين کي پروسيس ڪري انٽرنيشنل مارڪيٽ موڪليندا آهن، جنهن ڪري حڪومت کي ھڪ فائدو نه ٿيندو ۽ پنهنجي ماڻهن کي بک ۾ مبتلا ڪندا. ماھي گيري جي صنعت جي تباھي سان ملڪ ۾ غذائي پيداوار جي قلت به پيدا ٿيندي، ماھيگير مڇين جو شڪار ڪرڻ بعد پنهنجو سڄو مال لوڪل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا آهن، جنهن جي وجه سان ملڪ ۾ خوراڪ جي قلت پيدا ناھي ٿيندي، ھن وقت تقريبن چاليهه سيڪڙو غذائي پيداوار مڇين مان پوري ٿئي ٿي، باقي گوشت ۽ سبزين جي پيداوار سان پوري ٿي رھي آھي، انھن جھازن جو مال لوڪل مارڪيٽن ۾ نه ايندو، جھاز مالڪ پنهنجو مال انٽرنيشنل مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪندا، جنهن جي وجه سان ملڪ ۾ مھانگائي وڌندي. گوشت ته ٺھيو سبزيون به غريب جي پھچ کان پري ٿي وينديون، تنهن باوجود حڪمران طبقي کي مھانگائي جي ڪا پرواهه ناھي، ھو محلن ۾ رھندا آھن ۽ سون جي ٿانون ۾ کائيندا آهن، انھن وٽ پيسن جي ڪا ڪمي ناھي، ھو اختيارن جو غلط استعمال ڪري اربين روپيا ڪمائيندا آهن، اڄ تائين انھن چائنيز جھازن جي مالڪن کان اربين روپيا وٺي چڪا آهن، ۽ وڌيڪ جا خواهشمند آهن، انھي طرح سان غريب غريب تر ۽ امير امير تر ٿيندو وڃي ٿو. چين کان پاڪستان ايندڙ جھاز ان کان پھريان سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ مڇين جو شڪار ڪندا هئا. سائوٿ چائنا جو سمنڊ چين جي ڏکڻ ۾ واقع آهي، ھي بحرالڪاهل جو حصو آهي ۽ سنگاپور کان وٺي ڪري تائيوان تائين 35 لک مربع ڪلوميٽر تائين ڦهليل آهي، ھي پنج سمنڊن (اوقيانوس، ڪاھل، ھند، منجمند جنوبي، منجمد شمالي) کانپوءِ سڀ کان وڏو سمنڊ آهي. ان سمنڊ سان ڳنڍيل ملڪن ۾ چين، مڪائو، ھانگ ڪانگ، تائيوان، فلپائن، ملائيشيا، برونائي، انڊونيشيا، سنگاپور، ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا، ۽ ويٽنام شامل آهن، ھي علائقا ماھي گيري لاءِ زرخيز آهن، مڪائو، تائيوان، فلپائن، ملائيشيا، برونائي، انڊونيشيا، سنگاپور، ٿائيلينڊ، ڪمبوڊيا، ۽ ويتنام پاران ڪيترائي ڀيرا چين طرفان سائوٿ چائنا سمنڊ تي قبضي خلاف تشويش جو اظهار ڪري چڪا آهن، چين پنهنجي طاقت جي بل بوتي تي پاڙيسري ملڪن جي نڪ ۾ دم ڪيو آهي، ھي ملڪ سائوٿ چائنا سمنڊ جو معاملو آمريڪا جي مدد سان اقوام متحده ۾ کڻي ويا آهن، اڄ تائين ان تي ڪا به پيش رفت ناهي ٿي. ھاڻي انھن جھازن پنهنجو رخ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي حدن ڏي ڪيو آهي، اسان سان به اھو ئي ٿيندو جيڪو چين پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان رويو رکيو آهي، ھن وقت ساحلي وسيلن تي قبضي خلاف ھڪ مير حمل ڪلمتي جي ضرورت آهي، ھتي مان ھر گز گوادر مان منتخب بلوچستان اسيمبلي مير حمل ڪلمتي جي ڳالهه نه پيو ڪريان، ايم پي اي حمل ڪلمتي وٽ ايترو به اختيار نه آهي ته ھو ڪنھن ايس ايڇ او جي بدلي به ڪرائي سگهي، مان ان مير حمل ڪلمتي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن پندرهين صدي ۾ بلوچستان جي ساحل تي قابض پرتگيز سامراج جي خلاف مهاڏو اٽڪائي ان جي بالادستي جو خاتمو ڪيو هو. بلوچستان جي ساحلي پٽي مان منتخب ٿيندڙ ايم اين اي ۽ از خود سالار ساحل جو لقب پائڻ واري اسلم ڀوتاني ۾ به ايتري طاقت ناھي جو ھو سمنڊ فيڪٽري ٽرالرز کان آزاد ڪرائي سگهي، سالار ساحل اسلم ڀوتاڻي جو اباڻو علائقو دريجي آهي، دريجي ساحل سمنڊ کان ڏيڍ سئو ڪلوميٽر پري ۽ پھاڙي جي وچ ۾ واقع آهي. خدشو اھو آھي ته مستقبل ۾ گوادر ماھير گير اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ناخدا اڪبر رئيس جي جگهه ناخدا شي پيانگ اچي ويندو ته مشھور ۽ معروف بلوچي شاعر، قاضي مبارڪ جي جگه قاضي چي چينگ اچي ويندو. (هي مضمون آزادي اخبار ڪوئٽا ۾ اردو ۾ شايع ٿيو جيڪو امان الله سومرو سنڌيار لاءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.)

پهنجو تبصرو موڪليو