اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سندن پارٽي جي ڪنهن هڪ شڪايت جو به جواب ناهي ڏنو.وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راجا پرويز اشرف الزام هڻندي چيو ته پيپلز پارٽي جي پولنگ ايجنٽن ۽ ووٽرن کي زبردستي پولنگ اسٽيشنن تان ڪڍيو ويو، جنهن سان چونڊ عمل جي شفافيت متاثر ٿي. هن چيو ته اهڙا سمورا هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا جن سان چونڊ نتيجن تي سوال اٿي رهيا آهن ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو يقين ڪرڻ ڏکيو آهي ته چونڊن جو ٽيون مرحلو شفاف انداز ۾ ٿيندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جو چوڻ هو ته چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ چيف اليڪشن ڪمشنر جي بنيادي ذميواري آهي، پر ان حوالي سان به سنگين ڪوتاهيون سامهون آيون آهن. راجا پرويز اشرف چيو ته پيپلز پارٽي هڪ وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا ووٽ ۽ جمهوري عمل جي عزت ڪندي آهي، پر جيڪو ڪجهه چونڊن ۾ ٿيو ان جا اثر مثبت نظر نٿا اچن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پنهنجي جاني نقصان جو شڪار ٿيل ڪارڪن مشتاق شاهه جي گهرڀاتين سان گڏ بيهي رهندي، پيپلز پارٽي وفاق ۾ حڪومت جي اتحادي ضرور آهي، پر اهو اتحاد صرف پاڪستان جي وسيع تر مفاد لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.










