چيف سيڪريٽري سان گڏيل قومن جي وفد جي ملاقات

چيف سيڪريٽري سان گڏيل قومن جي وفد جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سان گڏيل قومن جي انساني همدردي جي ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. گڏجاڻي ۾ سامونڊي طوفان بيپر جواءِ کان بچاء لاءِ کنيل قدمن ۽ 2022 ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي سلسلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته الله تعاليٰ جي ڪرم سان سامونڊي طوفان سان سنڌ وڌيڪ متاثر ناهي ٿيو، سامونڊي طوفان جي پهرين ڏينهن کان مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير طوفان کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن جو فوري دورو ڪيو ۽ ھدايتون جاري ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته طوفان جي الرٽ ملڻ شروع ٿيا ته حڪومت ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن حڪومت ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگھي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي ڪوسٽل بيلٽ کان 82 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو. سنڌ حڪومت پاران ٺاهيل 81 ڪيمپس ۾ 50 هزار ماڻهن کي سنڌ حڪومت خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جن ۾ 5 هزار ملير، 17 هزار 50 سجاول، 23 هزار بدين ۽ 5 هزار ماڻهن کي ٺٽي ۾ ڪيمپ ۾ رکيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته طوفان جا اثر گهٽ ٿيڻ جي بعد سومر کان انهن ماڻهن کي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليو ويندو ۽ سنڌ حڪومت انهن ماڻهن کي هڪ هفتي جو راشن پڻ فراهم ڪيو ويندو. چيف سيڪريٽري سنڌ وڌيڪ چيو ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪرڻ ۾ پاڪستان آرمي، پوليس ۽ رينجرز ضلعي انتظاميا جي ڀرپور مدد ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن جي بابت وفد کي آگاهي ڏيندي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته سنڌ ۾ 2 ملين ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جو عمل جاري آهي. گهرن جي تعمير لاءِ 22 هزار 481 خاندانن کي 75 هزار جي پهرين قسط جاري ڪئي وئي آهي ۽ گهرن جي تعمير لاءِ 1900 خاندانن کي 1 لک روپين جي ٻي قسط پڻ جاري ڪئي وئي آهي. امپليمينٽيشن پارٽنرز پاران گهرن جي تعمير ۾ ماڻهن کي سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي ته جيئن اهڙا گهر تعمير ڪيا وڃن جيڪي ڪنهن به امڪاني قدرتي آفتن کان محفوظ رهن. هن وڌيڪ چيو ته گهرن جي تعمير سان گڏ ماڻهن کي مالڪاڻا حق پڻ فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ هاڻي تائين 20 لک ماڻهن جي زمين جي ٽائيٽل جو ڊيٽا بيس ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ 50 هزار متاثرن جي گهرن جو لينڊ ٽائيٽل مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ جلد انهن ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويندا. گڏجاڻي ۾ گڏيل قومن جي وفد سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي وقت تي منتقل ڪيو ۽ ان عمل ۾ سنڌ حڪومت جي سمورن ادارن ڪوآرڊينيشن سان گڏ ڪم ڪيو. جولين هارنيس گڏيل قومن پاران هر ممڪن سهڪار جي يقيني ڏياريندي چيو ته ڊي ڊي ايم ايز کي عالمي معيار جي مطابق تربيت فراهم ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو