ڪراچي (رپورٽر) گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي هڪ وفد وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طيبه ظريف جي اڳواڻي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت کي چيف سيڪريٽري سنڌ بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني وئي ۽ گلن جو گلدستا پيش ڪيو ويو، وفد چيف سيڪريٽري کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته سنڌ حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. سنڌ جي تعليمي مسئلن ۽ اسڪولن ۽ شاگردن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن. چيف سيڪريٽري يقين ڏياريو ته مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، وفد چيف سيڪريٽري کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي.










