چيف سيڪريٽري جو مختلف علائقن جو دورو پوليو مهم جو جائزو

چيف سيڪريٽري جو مختلف علائقن جو دورو پوليو مهم جو جائزو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه جمشيد ٽائون، گلزار هجري ۽ ملير سميت شهر جي مختلف علائقن جو تفصيلي دورو ڪري شهر ۾ جاري پوليو مهم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سنڌ آپريشن ائنڊ ايمرجنسي سينٽر جو ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر به ساڻس گڏ هو. دوري دوران، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه پوليو مهم ۾ شامل ٽيمن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ مختلف فيلڊ آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون. هن زور ڀريو ته ڪو به ٻار پوليو وئڪسين کان رھجڻ نه گھرجي ۽ والدين جي هچڪچاهٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ لوڪل گورنمينٽ جي چونڊيل نمائندن کي سرگرم ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ گلزار هجري جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڪارڪردگي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سختي سان هدايت ڪئي ته پوليو مهم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن زور ڀريو ته ڪراچي جا سڀئي اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ تپيدار فيلڊ ۾ موجود رھن ته جيئن مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ صحت کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته پوليو مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن والدين کي به اپيل ڪئي ته اهي حڪومت تي اعتماد ڪن ۽ پنهنجن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ لاءِ وئڪسين کي يقيني بڻائين. هن زور ڀريو ته اها رڳو حڪومت جي ذميواري نه آهي پر عوام جو به فرض آهي ته اهي هن قومي مقصد ۾ ڀرپور سهڪار ڪن ته جيئن اسان جي ٻارن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي. جمشيد ٽائون جي دوري دوران چيف سيڪريٽري، پوليو ورڪرز جي خدمت جي تعريف ڪئي ۽ زور ڀريو ته سنڌ حڪومت پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اها مهم ڪراچي جي 85 هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ 25 آگسٽ تائين جاري رهندي ۽ ان دوران 11 لک کان وڌيڪ ٻارن کي وئڪسين ڏني ويندي. ان کان علاوه سنڌ جي چيف سيڪريٽري، اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري سائرا خان کي روزانه پوليو ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي شاباشي ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو