چيف جسٽس کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ وارو ٽي ايل پي اڳواڻ گرفتار

چيف جسٽس کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ وارو ٽي ايل پي اڳواڻ گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نائب امير کي چيف جسٽس آف پاڪستان کي مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب ٽي ايل پي جي نائب امير ظهير الحسن شاهه کي اوڪاڙه مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ظهير الحسن شاهه اوڪاڙه ۾ اڻڄاتل هنڌ لڪيل هو.تحريڪ لبيڪ جي نائب امير پير ظهير الحسن شاهه خلاف چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. لاهور پوليس ايس ايڇ او حماد حسين جي فرياد تي قلعه گجر سنگهه ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ڪيس ۾ ٽي ايل پي جي 1500 ڪارڪنن کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ اينٽي ٽيررازم ايڪٽ، مذهبي نفرت، فساد ۽ ڌاڙو هڻڻ جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عدليه تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ شقون شامل ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو