چيف جسٽس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو، رٿ منظور

چيف جسٽس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو، رٿ منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال خلاف ريفرنس کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ مختلف پارٽين جا ميمبر شامل هوندا، جڏهن ته ڪميٽي ٺاهڻ جو اختيار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڏنو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف پارٽين جا ميمبر ڪميٽي جي اختيارن بابت مسودو تيار ڪري رهيا آهن ۽ پارلياماني ڪميٽي جي قيام لاءِ تحريڪ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف قومي اسيمبلي چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو