اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٻارنهن آڪٽوبر تي سڏائي ورتو آهي. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 13 ايڊيشنل ججز جي مستقلي تي غور ڪيو ويندو، جسٽس سهيل ناصر، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس صفدر سليم شاهد جي مستقلي تي غور ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جسٽس احمد نديم ارشد، جسٽس طارق نديم، جسٽس امجد رفيق، جسٽس عابد حسين چٺا، جسٽس انوار حسين، جسٽس علي ضيا باجوا، جسٽس سلطان تنوير، جسٽس رضا قريشي ۽ جسٽس شان گل جي مستقلي تي غور ڪيو ويندو . ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جسٽس راحيل ڪامران کي مستقل ڪرڻ تي غور ڪندي.
مشهور خبرون










