اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته مذهب جي نالي ۾ سياست لاءِ فتويٰ بازي کي برداشت نه ڪنداسين. پريس ڪانفرنس دوران ٻنهي سينئر وزيرن چيو ته چيف جسٽس جي خلاف اشتعال انگيز ريمارڪس جي مذمت ڪريون ٿا ۽ سوشل ميڊيا تي عوام کي قتل لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. هنن خبردار ڪيو ته اهڙي بيان بازي جي اجازت ڏيڻ رياست جي ڍانچي جي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزيرن نشاندهي ڪئي ته مذهب جي نالي تي تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، چيف جسٽس کي مختلف بهانن سان نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به طرح قبول ناهي. هنن چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي ته ان بعد ڪنهن کي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس نعيم اختر افعان تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي بينچ توهين اسلام يعني بلاسفيمي جي هڪ ڪيس جي جوابدار مبارڪ احمد ثاني جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جوابدار تي ’پنجاب هولي قرآن (پرنٽنگ اينڊ رڪارڊنگ) ايڪٽ 2011 جي سيڪشن 7 ۽ 9 هيٺ ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 295 بي ۽ 298 سي هيٺ به قلم لاڳو ڪيا ويا هئا. چنوٽ ضلعي جي چناب نگر پوليس اسٽيشن تي 6 ڊسمبر 2022 تي ايف آءِ آڙ نمبر 661 داخل ڪئي وئي هئي. جوابدار تي قاديانيت جي تبليغ ڪرڻ ۽ پابندي مڙهيل ڪتاب ’تفسير صغير‘ ورهائڻ جو الزام هو. جوابدار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست دائر ڪئي جيڪا 16 آڪٽوبر 2023 تي رد ڪئي وئي. جنهن خلاف جوابدار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاصي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس مسرت حلالي جوابدار جي 5 هزار عيوض ضمانت منظور ڪندي ڇيو ته جنهن قانون جي خلاف ورزي جو الزام لڳايو ويو آهي ان موجب سزا 6 مهينا آهي، جوابدار اڳ ۾ ئي هڪ سال سزا ڪاٽي چڪو آهي. 6 فيبروري 2024 تي ڏنل فيصلي ۾ چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو هو ته مذهب جي معاملي وارن ڪيسن ۾ حساس معاملا هوندا آهن ان ڪري سڀني پاسن ۽ قانون کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن، ڇو ته مذهبي معاملن ۾ ماڻهو جذباتيت جو شڪار ٿيندا آهن. هن چيو هو ته آخري پيغمبر کي الله جو رسول مڃڻ مسلمانن جي ايمان جو اهم جز آهي. هن قرآني آيتن ۽ حديث جا حوالا ڏيندي چيو هو ته اسلام اقليتن جي حقن جو محافط آهي ۽ مختلف عقيدن جو احترام ڪري ٿو. جنهن بعد ميڊيا ۾ ججمينٽ غلط رپورٽ ٿي ۽ تاثر ڏنو ويو ته عدالت قادياني عقيدي جي حمايت ڪئي آهي. عدالتي فيصلي خلاف جميعت علما اسلام، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي عدالت خلاف تنقيد شروع ڪئي. جنهن بعد جوبدار جي ضمانت خلاف پنجاب حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ نطر ثاني جي درخواست داخل ڪئي هئي ۽ مذهبي جماعتن پاران اٿاريل سوالن جي وضاحت جي درخواست به ڪئي هئي. جنهن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس نعيم افغان ٻڌڻي ڪري 29 مئي تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت نطر ثاني دوران اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ مختلف مسلڪن جي عالمن جا بيان به رڪارد ڪيا هئا. جنهن بعد چيف جسٽس جو لکيل فيصلو جسٽس نعيم افغان پڙهي ٻڌايو هو. فيصلي ۾ پنجاب حڪومت جي ڄاڻايل وضاحت به ڪئي وئي پر ڪجهه ڏينهن کان مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندي قاضي فائز عيسيٰ کي قادياني قرار ڏيندي کيس واجب القتل جي فتوا به جاري ئي وئي ۽ ڪجهه شرپسندن سندس قتل تي هڪ ڪروڙ جي انعام جو به اعلان ڪيو. جنهن بعد راولپنڊي جي عبدالواسع نالي شخص کي پوليس گرفتار ڪيو آهي. ياد رهي ته جميعت علما اسلام (ف) ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا به ٿي رهيا آهن.










