اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري عدم اعتماد بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت صلاح مشورا ڪيا. زرداري هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ چوڌري شجاعت حسين سان گڏ وفاقي وزير طارق بشير چيما ۽ چوڌري سالڪ شجاعت به گڏ هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ عمران خان خلاف عدم اعتماد ۽ پنجاب ۾ تبديلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. زرداري صاحب کيس مشورو ڏنو ته شهباز شريف جي دعوت تي وڃو، مان هن کي اوهان وٽ وٺي آيو هئس اوهان دعوت قبول نه ڪري مسئلو پيدا ڪيو آهي. اهو سياسي آداب ۽ روايتن جي خلاف هو، سياست ۾ ٽائمنگ اهم هوندي اهي اوهان فيصلي ۾ دير ڪئي. اسين سيڪنڊ آپشن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو اختيار ميان نواز شريف وٽ آهي. ذريعن موجب زرداري کيس چيو ته اوهان شهباز سان ڳالهايو، مان صرف ايترو ڪري سگهان ٿو ته اوهان مرڪز ۾ عدم اعتماد جي حمايت ڪريو اسين پرويز الاهي کي اسپيڪر طور برقرار رکنداسين. ياد رهي ته چوڌري شجاعت گذريل ڏينهن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي. طارق بشير چيما 7 ڊسمبر تي وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو هو ته جيڪڏهن اوهانجي پارٽي جا ماڻهو ٽٽي ويا ته اسين به اوهان سان گڏ نه بيهنداسين. سڀاڻي ايم ڪيو ايم جو وفد آصف علي زرداري سان ملندو.










