سانگھڙ (رپورٽ نادر بڙدي) چوٽياري ڊيم جي تباهه ڪارين خلاف ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن مرحليوار تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ڊيم سبب زمينون غير آباد ٿيڻ سم ۽ ڪلر ۾ واڌ خلاف چوٽياري ڪنزرويشن فورم ۽ علائقي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي خان محمد بگٽي، علي خان منگريو، علي شير جانوري، ولي محمد ڪنڀر، مجيد منگريو ۽ ٻين چيو ته سانگھڙ ۾ چوٽياري ڊيم ٺاهڻ وقت سروي ڪرائي ويئي ۽ اھو منصوبو جوڙيو ويو تہ علائقي کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ ھڪ سو وڌيڪ ٽيوب ويل لڳايا ويندا ۽ سم ۽ ڪلر کان بچاء لاءِ اها ورتا ويندا پرئ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڊيم ٺاهڻ جي ڪجھ عرصي کانپوءِ سمورا ٽيوب ويل خراب ٿي ويا ۽ ڊيم جي ڀرپاسي ھزارين ايڪڙ سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي ، سٺي اپت ڏيندڙ ٻنيون غير آباد ٿي ويون ، مال جون چراگاھون تباه ٿي ويون ڪيترائي ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا، مظاھرين چيو ته اسين ھن فورم جي پليٽ فارم تان حڪومت وقت کان مطالبو ٿا ڪريون ته چوٽياري ڊيم جي تباه ڪارين کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ بند پيل ٽيوب ويل جلد ھلائي سم ۽ ڪلر جو خاتمو آندو وڃي تہ جيئين ڊيم جي ڀرپاسي رھندڙ ھزارين آبادگار ۽ ھاري پنھنجيون زمينون آباد ڪري سگھن










