حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشدي چيو آهي ته هاڻي فوج سڀني کي آزمائي ورتو آهي ٿي سگھي ٿو ته ايمرجنسي يا مارشلا لڳي وڃي، اها ئي عدليا ليگل ڪور ڏيندي،حيدرآباد ۾ چونڊ نتيجن خلاف رٿيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته اليڪشن جو نتيجو اڍائي ٽي مهينا اڳ ئي بڻجي چڪو هو ۽ پيمنٽ به ٿي چڪي هئي، جيڪا فوج وفاق کي سنڀالي ويٺي آهي ان سان اختلاف جو سوچي به نٿو سگھان، جنهن اليڪشن کٽي آهي اُهو پاڻ مٿي تي هٿ رکي ويٺو آهي، فيصلو ڪندڙن کي سوچڻو پوندو هاڻي هنن سان گڏ ڪو به قومي سطح جو ليڊر نه آهي.هن چيو ته آئون چونڊ مهم لاءِ به گھران نه نڪتو هيس، اليڪشن دوران دستن چيو ته جلسا ڪريون آئون منع ڪري ڇڏيو، هڪ جلسي تي 8 کان 10 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيندو آهي، اليڪشن دوران ڪٿي نه نڪتس، نه جلسو ڪيو ۽ نه ئي ڪارنر ميٽنگز ڪيون.سندس چوڻ هو ته سندس چوڻ هو ته سياست کان پري رهندو آهيان ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو آهي، جيڪو جيترو سٺو ڪوڙ ڳالهائي سگھي ٿو اُهو اوترو ئي سٺو ليڊر بڻجي سگھي ٿو، اسان جو احتجاج اليڪشن تي ڌاڙو هڻڻ جي خلاف آهي.پير پاڳاري چيو ته هاڻي ڪو به ليڊر نيشنل ليول جو نه رهيو آهي، هاڻي فوج کانسواءِ ڪو به وفاق نٿو سنڀالي سگھي، اسان فوج جي ڪري عزت ۽ سڪون سان ويٺل آهيون.هن چيو ته منهنجي نظر ۾ پي ٽي آءِ باني چور نه آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني چور آهي اسان سڀ به چور آهيون، توشه خانه جي معاملي تي پي ٽي آءِ باني کان غلطي ٿي وئي هوندي، اليڪشن ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪو ليڊر نيشنل ليول جو نه آهي سڀ صوبائي ليڊر آهن، اڍائي ڪروڙ نوجوان ووٽرن جي ٻوڏ کي نه روڪيو وڃي، پي ٽي آءِ بانيءَ جي نوجوان ووٽرن ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، مٿي کچڙي بڻجي وئي آهي، اٺن ڏهن مهينن کان وڌيڪ اها حڪومت نٿي هلي سگھي، معاشري کي امير يا غريب ماڻهو نه پر مڊل ڪلاس هلائيندو آهي، دوستن چيو ته اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪريون، جيڪڏهن ڪجهه دوستن جي چوڻ تي اسان اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪريون ها ته انهن کي وائکو نه ڪري سگھون ها فوج هاڻي سڀني کي آزمائي ورتو آهي سگھي ٿو ته ايمرجنسي يا مارشلا لڳي وڃي، اها ئي عدليا ليگل ڪور ڏيندي….ٻئي طرف سنڌ پنجاب سرحد تي جِي ڊي اَي پاران عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف ڄامشورو باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو آهي.جِي ڊي اَي ۾ شامل پارٽين جي ڪارڪنن جو وڏو انگ سنڌ جي مختلف شهرن کان ڌرڻي واري هنڌ پهتو آهي، الائنس ۾ شامل جماعتن جو موقف آهي ته 8 فيبروري تي ٿيل اليڪشن جي موقعي تي وڏي پيماني تي ڌانڌلي ڪري پ پ کي فائدو پهچايو ويو آهي.ڌرڻي سبب ڪراچي کان ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي جڏهن ته ڄامشورو جا سمورا تعليمي ادارا ۽ سرگرميون معطل آهن.ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو الزام لڳائيندي چيو ته سنڌ ۾ الڪيشنز بوگس ۽ فراڊ آهن، سنڌ سان دوکو ڪيو ويو. هن چيو ته چونڊون ۾پ پ کي فائدو ڏنو ويو ۽ هاڻي پ پ ۾ شموليت يا وفاقي سياست تان هٿ کڻڻ جو پيغام ڏنو پيو وڃي. جِي ڊي اَي اڳواڻ لياقت علي جتوئي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي الزام هڻندي چيو آهي ته هن ڪهڙو ڪارنامو انجام ڏنو آهي ته جو کيس چوٿون ڀيرو سنڌ ڏني وئي آهي .ڄامشوري ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جِي ڊي اَي ) جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي لياقت جتوئي چيو ته جيستائين سنڌ کي حق نه ملندا سڪون سان نه ويهنداسين، اسان مزاحمت ڪنداسين، هي جعلي مينڊيٽ آهي، قبول نٿا ڪيون.سندس چوڻ هوته اسان اليڪشن کٽي آهي ۽ انهن هارائي آهي، ڌانڌلي ذريعي هر شيءِ زرداري جي حوالي ڪئي وئي آهي.لياقت جتوئي چيو ته چوٿون ڀيرو انهن کي سنڌ ڏني وئي آهي، ڇا اسان سنڌي يتيم آهيون؟، اسان 15 سال ظلم نظام جي مخالفت ڪئي آهي.هن چيو ته زرداري صاحب جون عياشيون ختم ٿي ويون، ڪيتريون ايف آءِ آرز ڪٽيندئو، ڪو فرق نٿو پوي، عوام اسان سان گڏ آهي.جي ڊي اي اڳوڻ سائرا بانو چيو ته جيڪو هن ملڪ تي ميري اک رکندو آهي سندس اکيون ڪڍڻ ڄاڻون ٿا، اسان 15 سال محبت جو پيغام ڏنو آهي، هاڻي به محبت جو پيغام ڏئي رهيا آهيون، محبت ڪمزوري نه طاقت هوندي آهي، اسان جي محبت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.هن چيو ته خدا جي واسطي هن ستل ماڻهن کي جاڳايو هتي عوام پنهنجي حقن لاءِ نڪري رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ڪٿي آهي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر کي استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃڻ گهرجي، مٿس آرٽيڪل 6 لڳائي غداري جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.جي ڊي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته اسان جي ڌرڻي ۾ ماڻهو بنا ڀاڙي ۽ ٽرانسپورٽ جي آيا آهن.هن چيو ته پ پ جيان ماڻهن کي پئسا ڏئي ناهي گهرايو ويو، پير صاحب جي محنت ۾ ماڻهو ٿر مان به پنڌ آيا آهن، عوام جو هيڏو وڏو ميڙ فيصلو ڪري رهيو آهي پوري پاڪستان ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.











