اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ آڪٽوبر يا نومبر ۾ چونڊون ڪرايون وينديون.پنهنجي هڪ بيان ۾ احسن اقبال چيو ته چونڊون ڪرائڻ ڪنهن جي مرضي يا نه چاهيندڙ ڳالهه ناهي.هن چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته چونڊون ٿينديون، نگران حڪومت جو مينڊيٽ آئين موجب مقرر وقت اندر چونڊون ڪرائڻ هوندو.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ضرور پاڪستان ايندو، ايندڙ اليڪشن ن ليگ پنهنجي پليٽ فارم تان وڙهندي.










