چونڊن جي تاريخ ڏيو، عمران جو مارچ خوني ٿي سگهي ٿو

چونڊن جي تاريخ ڏيو، عمران جو مارچ خوني ٿي سگهي ٿو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد خدشو ظاهر ڪيو آهي ته لانگ مارچ خوني ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، ان ڪري اختيارين کي مداخلت ڪرڻ گهرجي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جنهن ملڪ ۾ منشيات فروش گهرو وزير هجي اتي امن نه رهندو. هن چيو ته هي ماڻهو حالتون ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا پر دعا آهي ته ملڪ ۾ امن هجي ۽ بهارو نه فري، گهٽين ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي آهي جنهن جو ذميوار راڻا ثناءُ الله آهي. هن چيو ته هو لانگ مارچ ۾ عمران خان سان گڏ آهي، جيئن ڀٽو جي ڦاهي تي ماڻهن پاڻ کي باهه ڏني ايئن ڪجهه ماڻهو لانگ مارچ ۾ پاڻ کي باهه ڏيڻ چاهين ٿا، لانگ مارچ خوني ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته عوام جن جي شڪل ڏسڻ پسند نٿو ڪري انهن کي اقتدار ۾ آندو ويو آهي، ملڪ جون حالتون خراب آهن، خدا جي واسطي 31 مئي تائين معاملو حل ڪيو وڃي، اختيارين کان اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن کي يقيني بڻايو، اليڪشن جي تاريخ طئي ٿيڻ گهرجي. ٻئي صورت ۾ حالتون سڀني جي ڪنٽرول مان نڪري وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مان پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهيان، پاڪ فوج کي دنيا جي سڀ کان وڏي فوج سمجهان ٿو، جيڪڏهن عمران خان چاهي ته مان ڳالهه ٻولهه جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته جيل اسان جي سس آهي، موت اسان جي گرل فرينڊ آهي ۽ هٿڪڙيون اسان جي زينت آهن، هڪ سوال تي هن چيو ته مان نواز شريف جي سڪل ڏسڻ به پسند نه ڪندس، قوم بوٽ پالش ڪندڙن سان رهڻ نٿي چاهي. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري چاهي ٿو ته پنجاب ۾ جهيڙو ٿئي، اهو ئي سبب آهي ته هن راڻا کي گهرو وزير لڳرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو