چونڊن جو اعلان ڪيو، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ ۾ هلي وئي آهي: وزيراعظم

چونڊن جو اعلان ڪيو، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ ۾ هلي وئي آهي: وزيراعظم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته مخالف ڌر سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ڪري رهي آهي؟ مخالف ڌر اين آر او ٽو چاهي ٿي قوم سان سڌيءَ ريت ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جيستائين ملڪ لاءِ سوچڻ وارا پارليامينٽ ۾ نه ايندا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، هن ڀيري اسان ڏسي ڪري نظرياتي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏينداسين، اليڪشن وڙهڻ جو ڪافي تجربو ٿي چڪو آهي، پهرين ايترو نه هو وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميمبرن کي خريد ڪري حڪومت ٺاهڻ جمهوريت جي نفي آهي، اپوزيشن ٽن سالن کان چئي رهي آهي ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، اپوزيشن تي ڪرپشن جا ڪيسز آهن، اپوزيشن چاهي ٿي ته کين اين آر او ٽ ملي هن چيو ته ٻاهرين سازش ذريعي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عوام کي ان خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي، اڄ عشاءَ جي نماز کانپوءِ ريڊ زون ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، مان به احتجاج ۾ شرڪت ڪندس، لاهور ۾ به جنهن هوٽل ۾ ضمير جي خريد ۽ فروخت ٿي رهيو آهي ان جي ٻاهر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو