لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گادي واري شهرلاهور ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڏوهن جا 250 واقعا رپورٽ ٿيا. پوليس رڪارڊ موجب لاهور جي مختلف روڊن تي ڦر جا 12 واقعا ٿيا. پوليس رڪارڊ موجب لاهور ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 150 چوري جون وارداتون ٿيون جڏهن ته 57 موٽرسائيڪلون چوري ڪيون ويون. پوليس رڪارڊ موجب شهرين کان هڪ ڪار ۽ 2 موٽرسائيڪلون ڦريون ويون، جڏهن ته 3 گهرن ۽ 8 دڪانن کي به لٽيو ويو.










