ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته چنگچي رڪشا تي پابندي آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ عبدالله ايوان ۾ سوال ڪيو ته هزارين رڪشا هلائي رهيا آهن، ڇا انهن جي به رجسٽريشن ٿيندي؟ ان تي شرجيل ميمڻ چيو ته رڪشا هلائيندڙن جي تنظيم عدالت کان اسٽينڊنگ ورتي آهي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان بس اسٽينڊ کي به شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو آهي.ايم ڪيو ايم جي ميمبر فوزيه حميد ايوان ۾ سوال ڪيو ته ايڪسائيز کاتي منشيات جي خاتمي لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن؟ شرجيل ميمڻ جواب ڏيندي چيو ته ايئرپورٽ ۽ بارڊر تي ٻيون فوجون موجود آهن، اسيمبلي به ان حوالي سان قانون پاس ڪيو آهي، اسان وٽ 10 نوٽيفڪيشن چيڪ پوسٽون آهن. هن چيو ته هاڻي اسان چيڪ پوسٽن کان اڳتي نڪري رهيا آهيون، منشيات خلاف اعلان جنگ ۽ جهاد جو اعلان آهي، متان اوهان ۽ اسان جا ٻار منشيات جي عادت ۾ مبتلا ٿي وڃن.










