بسمل بلوچ
ٽالپر وڏا جي سر زمين ڪيترن بزرگن،شاعرن،فنڪارن کي جنم ڏنو آھي انهن ۾ جلال الدين فقير،فوجي قادر بخش عرف ڪرم ٽالپر،ڊاڪٽر مستاق حسين ڦل،سهراب فقير ۽ ٻين ڪيترن ماڻھن کي جنم ڏنو آھي۔ انهن مان ارشد حسين ڦل به پڻ هڪ آھي۔ ارشد علي ڦل شاعري جي دنيا ۾ پير پائي وڏو نالو ڪمايو آ۔ شاعري جي دنيا ۾ پير پائڻ جو اڪثر ڪونه ڪو سبب ٿيندو آھي۔ ارشد ڦل کي به پنهنجن جي دغائن ۽ سنڌ ڌرتي جي سورن جي ڪري شاعري جي دنيا ۾ پير پاتو۔ ڏات جي ديوي به سندس مٿان مهربان ٿي پئي۔ ارشد ڦل جي رت ۾ سدائين سنڌ ڌرتي جي محبت سمايل رهي آھي۔هن سنڌ ڌرتي سان امڙ کان سئو دفعا وڌيڪ محبت ڪري ٿو۔ سنڌ ڌرتي جي غريبن مسڪينن يتيمن ماروئڙن جي سورن کي پنهنجو سور سمجهندو آھي۔ جتي به سنڌ ڌرتي جو سڏ ٿيو اتي ارشد علي ڦل کي پهرين ڏٺو۔جهڙي طرح باھ مٿان پتگ عاشق هوندو آھي تهڙي طرح ارشد علي ڦل به سنڌ ڌرتي جو هڪ ارڏو جوڌو جوان ۽ حلالي پٽ آھي۔جڏهن به ڪنهن عاشق سان ڪنهن جي ملاقات ٿيندي آھي۔اهو عاشق پنهنجي محبوب جون ڳالهايون ڪندو آھي۔ پنهنجي محبوب جي ادائن کي بيان ڪندو آھي۔ارشد ڦل سان جڏهن منهنجي ملاقات ٿي سندس زبان تي سنڌ ڌرتي جي سرهاڻ سنڌ جي ماروئن جي محبتن جي ڳالھ هوندي آھي۔اهڙي طرح هن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي وڻن،ٻوٽن،پٽن ۽ ميدانن کي سارايو آھي۔ ڪڏهن لاڙ جي ماروئڙن جي محبتن کي ته ڪڏهن ٿر جي محبتي ماڻهن جي ڪچهرين کي بيان ڪري ٿو۔سندس تخليقون ئي سندس سڃاڻ آھي۔سندس هڪڙي تخليق آھي۔
ﻇﻠﻢ ﻭڏﺍ ﻫﻦ ڌﺭﺗﻲ ﺗﻲ
ﺭﻭﺍﺝ ﺑﺮﺍ ﻫﻦ ڌﺭﺗﻲ ﺗﻲ
ڄٽ ﻣﺎڻهوﻥ ڪﻦ ٿﺎ
ڪﻢ ڪﻨﺎ ﻫﻦ ڌﺭﺗﻲ ﺗﻲ
ﮔﻬﺮ ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺟﺎ ﻭﻳﺮﺍﻥ ٿيا
ﻇﺎﻟﻢ ﻭڏﻳﺮﺍ ﻫﻦ ڌﺭﺗﻲ ﺗﻲ
ﺟﻬﺎﻟﺖ ٿيندي ﺧﺘﻢ ڪڏﻫﻦ
ﻣﻮﺭ ﻣﺮﻧﺪﺍ ﻫﻦ ڌﺭﺗﻲ ﺗﻲ
لڄ ﺑﭽﻲ ﻟﻮﺋﻲ ﺟﻲ ﺍﺭﺷﺪ
ﺳﺮﺧﺮﻭ ٿيندا ﻫﻦ ڌﺭﺗﻲ ﺗﻲ.
سج جا ڪرڻا جڏهن به اوڀر جي کان اوڀر ٿا ته هزارين اميدون کڻي نڪرن ٿا۔اهي ڪرڻا گلن ٻوٽن جي چوٽين کي چميون ڏيندا اچن ٿا۔محبوب جي پاڇن کي چميون ڏيندا اچن ٿا۔محبوب جي وارن جي سڳند کي هوائن جي مدد سان کڻي روح کي راحت ڏينديون آھن۔ارشد علي ڦل جا غزل به ائين آھن اهي روح کي راحت رسائن ٿا۔
مينهن جون ڪڻيون ڏنگ هڻديون رهيون
دل کي تنهنجون يادون وڻديون رهيون
مينهن جي مستي ڏسي ڪنواري ڇوڪري
ساري توکي منهنجون اکيون وسنديون رهيون
گڏ جيڪر هجين ڀاڪر ۾ ڀريان هان
لڪي هان ٻانهن ۾ ٻانهون سارينديون رهيون
چمان هان ڳل تنهنجا ڳاڙها مان
دل ۾ تون لاء حسرتون وڌنديون رهيون
بهارون ارشد پياريون ٿي پون هان
اکڙيون هر روز خواب ڏسنديون رهيون.
بهارن جي موسم ۾ ڀوئر گلن جي مکڙين کي چميون ڏئي هر هر تن جي مٿان پيا اڏڙندا رهن ٿا گلن مان واس وٺندا رهندا ٿا۔ ارشد ڦل جا نظم به تهڙي ريت محبوب جي رخسارن کان اشارن تائين محبوب جي يادن کي چميون ڏين ٿا۔ سندس هڪڙو نظم آھي۔
{بھار جي منڌ}
بھار جي منڌ جون ڪي
بهارون ملهائيون
زندگي جي رنگن جون ڪي
خوشيون رچائيون
هير ٿڌڙي ٿي ڏکڻ جي لڳي
ياد تنهنجي ٿي گهڻي اچي
گهاٽي نم جي ڇانو ۾
روح جي راحت جون ڪي
محفلون مچائيون
بھار جي منڌ جون ڪي
بھارون ملهائيون
زندگي جي رنگن جون ڪي
خوشيون رچائيون
رات ٿي آ چانڊوڪي جي
خوشي ٿي آ چڪور جي
دل منهنجي آهي ڏاڍي اداس
محبت جي من جون ختم ڪي
اداسيون ڪيون
بهار جي منڌ جون ڪي
بھارون ملهائيون
زندگي جي رنگن جون ڪي
خوشيون رچائيون
راهون تنهنجون هر روز پڇان ٿو
دل پنهنجي کي رڳو دلاسا ڏيان ٿو
پرين متان هاڻي اچي
پريت جي پيار جون ڪي
ٿين رهاڻيون
بهار جي منڌ جون ڪي
بهارون ملهائيون
زندگي جي رنگن جون ڪي
خوشيون رچائيون.
هن نظم ۾ ارشد ڦل پنهنجي محبوب کي عرض ڪندي چئي ٿو ته اچ هاڻ اي منهنجا محبوب بهار آئي آ۔ بهار ۾ چري منڌ آ هر شيء جي ورڻ جي۔گلن خاطر سرهاڻ وري ايندو ۔ڌرتي خاطر ساوڪ وري ايندي۔ تون به ته منهنجي خاطر وري آ۔ ڇو جو بهار جي منڌ وري آئي آ.
{بهاري جي منڌ وري آئي}
بهار جي مند اچي وئي
گلن ۾ گلزاري اچي وئي
هلي اچ تون هاڻي
ڀري پنهنجي ڀاڪر ۾
محبتن جون مٺيون ڏي
پيار جي ٿي ڪا بهاري
برسات جو سلسلو بہ جاري آ
موسم ڏاڍي پياري آ
ڪيون ڪي روح رهاڻيون
او سانوري
ساه هي صدقي تو تان
جند پنهنجي گهوريان تو تان
محبت جو جام ڏي ڀري
حسين هن هٿن سان
تنهنجي ٻانهن ۾ لڪان مان
دل جو بار هلو ڪيان مان
زلف تنهنجا چمان مان
بهار جي مند آئي وري آ .
تون ڀي وري آ
تون ڀي وري آ
ارشد ڦل تقريبن سڀئي صنفون لکي چڪو آھي پر سندس پسنديده صنف نظم آھي۔سندس غزل به ڪمال جا آھن.
جيئڻ هاڻي اسان جو مشڪل آ
رهڻ هاڻي اسان جو مشڪل آ
رکي آ ياري تون رقيبن سان
پرچڻ هاڻي اسان جو مشڪل آ
ڇڏيو تو ساٿ اسان جو يار
ملڻ هاڻي اسان جو مشڪل آ
ڀرم نه رکيو تو دوستي جو
چاهڻ هاڻي اسان جو مشڪل آ
درد ارشد کي مليا آهن گهڻا
کلڻ هاڻي اسان جو مشڪل آ
آخري ۾ ارشد ڦل جي هڪڙي تخليق اها رکندم جيڪا هن پنهنجي محبوب تي لکيو آ ۔ سنڌ جيجل تي لکي آ۔اهو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آھيان ارشد ڦل سنڌ جو هڪ سچو عاشق ۽ سنڌ جو ارڏو جوان آھي۔
ڇو ﺳﻨڌ ﻭﺭﻫﺎﺋڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ٿﻮ
ڇو ﺳﻨڌ ﮐﭙﺎﺋڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ٿﻮ
ﺟﻨﺖ ﺟﻬڙﻭ سڪون ﺁ سنڌ ۾
تنھن کي ﺩﻭﺯﺥ ﺑﻨﺎﺋڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ٿﻮ
ﻣٺڙﻱ منهنجي ڌرتيءَ ﮐﻲ ﻧﻪ ﺁﺯﺍﺭ
لعنتي پاڻ کي سڏائڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ٿﻮ
لطيف ﺳﭽﻞ ۽ ﺳﻴﺪ ﺟﻲ ﺭﻭﺡ ﮐﻲ
ڌاريو بڻجي ڏﮐﺎﺋڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ٿﻮ
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ سنڌڙي ﺷﺎﺩ رهي ارشد
.ڇو فتنو ﻏﺪﺍﺭ وڌائڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ٿﻮ
آخري ۾ دل ساڻ دعائون گلابن جيئن مهڪندو رهي منهنجي سنڌ ۾۔










