حاڪم علي چانڊيو
جڏهن به پاڪستان جي معيشت ڀت سان لڳي ٿي، جڏهن به مهانگائي عوام جي ساهه ۾ ساهه وجهي ٿي، ۽ جڏهن به خزانو خالي ٿي حڪمرانن جي چهري تان نقاب لهي ٿو، تڏهن اقتدار جي ايوانن مان هڪ ئي نعرو گونجي ٿو: چارٽر آف اڪانومي. اهو نعرو نه پهريون ڀيرو ٻڌو پيو وڃي، نه آخري ڀيرو. فرق رڳو ايترو آهي ته هر ڀيري بحران نئون هوندو آهي، پر نعرو ساڳيو پراڻو، ٿڪيل ۽ بي اثر.
چارٽر آف اڪانومي هن ملڪ ۾ هميشه ايمرجنسي ٻولي وانگر استعمال ٿيو آهي. جيئن ئي حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر وڃن، سياستدانن جي زبان تي “قومي اتفاق” جا لفظ اچن ٿا. پر سوال اتي ئي کڙو ٿئي ٿو: جيڪڏهن قومي اتفاق ايترو ئي ضروري آهي، ته پوءِ اقتدار جي ڏينهن ۾ اهو ڇو ياد نٿو اچي؟ ڇا معيشت رڳو تڏهن قومي مسئلو بڻجي ٿي، جڏهن حڪومتون ناڪاميءَ جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿين؟
پاڪستان جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته هتي بحران پيدا ڪيا ويندا آهن، پوءِ انهن بحرانن تي سياست ڪئي ويندي آهي. مهانگائي، بيروزگاري، قرض، آءِ ايم ايف ــ سڀ مسئلا نه، پر هٿيار بڻايا ويا آهن. حڪمرانن لاءِ معيشت عوام جي بهتري جو اوزار ناهي، بلڪه اقتدار بچائڻ جو ذريعو آهي. اڄ جڏهن رياست جو اقتصادي ڍانچو لرزي رهيو آهي، تڏهن چارٽر آف اڪانومي جو نعرو اصل ۾ ذميواريءَ کان ڀڄڻ جو سياسي پردو آهي.
هي ملڪ نعريبازيءَ کان اڳ ئي زخمين سان ڀريل آهي. عوام اڳ ئي قرباني ڏئي رهيو آهي، پر حڪمران اڃا به تقريرون ڪري رهيا آهن. سوال اهو ناهي ته چارٽر آف اڪانومي لکيو وڃي يا نه، سوال اهو آهي ته ڇا هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪو واعدو نيت سان ڪيو ويو آهي؟ ڇا ڪڏهن به پاليسي اقتدار کان مٿي رکي وئي آهي؟ ڇا ڪڏهن به معيشت کي سياست جي بندوق مان آزاد ڪيو ويو آهي؟
هر حڪومت ايندي آهي، ماضي کي گاريون ڏيندي آهي، ۽ مستقبل جا خواب وڪرو ڪندي آهي. نتيجو ساڳيو نڪري ٿو: عوام وڌيڪ غريب، رياست وڌيڪ مقروض، ۽ حڪمران وڌيڪ بي حس. چارٽر آف اڪانومي جي ڳالهه ڪرڻ وارا اهو ڇو نٿا ٻڌائن ته انهن جي پنهنجي حڪومتن ڪهڙو اقتصادي تسلسل ڏنو؟ ڪهڙي پاليسي پنج سال مڪمل ڪئي؟ ڪهڙو منصوبو سياست جي قبرستان کان بچايو؟
سچ اهو آهي ته پاڪستان جو اصل بحران معيشت جو ناهي، سياست جي نيت جو آهي. جڏهن حڪمران پنهنجي ناڪاميءَ کي قومي مفاد جو نالو ڏين ٿا، تڏهن نعرا به ڪوڙا ٿي وڃن ٿا. چارٽر آف اڪانومي جيڪڏهن واقعي قومي ضرورت آهي ته پوءِ ان کي چونڊن، انتقامن ۽ انا جي سياست کان مٿانهون رکڻو پوندو. پر جيڪڏهن اهو رڳو وقت ڪڍڻ، دٻاءُ گهٽائڻ ۽ عوام کي چپ ڪرائڻ جو حربو آهي، ته پوءِ تاريخ ان کي به انهن کوکلي نعرا ۾ شامل ڪري ڇڏيندي، جيڪي رڳو بحرانن ۾ جنم وٺندا آهن ۽ ساهه به بحرانن ۾ ڇڏيندا آهن.
هي وقت تقريرن جو نه، فيصلا ڪرڻ جو آهي. نعرا هاڻي ماڻهن جي پيٽ نٿا ڀرين. جيڪڏهن هن ڀيري به چارٽر آف اڪانومي صرف لفظن تائين محدود رهيو، ته پوءِ ياد رکڻ گهرجي: معيشت شايد سنڀالي وڃي، پر قوم جو اعتماد هميشه لاءِ دفن ٿي ويندو.
پاڪستان جي سياست اڄ جنهن موڙ تي بيٺي آهي، اتي مسئلو رڳو معيشت جو ناهي، مسئلو اعتماد جي لاش جو آهي. اهو اعتماد، جيڪو جمهوريت جي ريڙهه جي هڏي هوندو آهي، هتي سياسي انا جي بوٽن هيٺان ڪچليو ويو آهي. جڏهن حڪمران ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي کي دشمن سمجهن، جڏهن اختلاف غداري بڻجي وڃي، تڏهن قوم رڳو تماشائي نه رهندي آهي، پر قرباني بڻجي ويندي آهي.
اعتماد هڪ ڏينهن ۾ نه ٽٽندو آهي، ان کي منظم نموني سان ٽوڙيو ويندو آهي. واعدن جي ڀڃڪڙي، چونڊيل ادارن جي تذليل، ۽ سياست کي ذاتي انا جو ميدان بڻائڻ ــ اهي سڀ بندوق جي گولي جهڙا عمل آهن، جيڪي خاموشي سان جمهوريت کي زخمي ڪن ٿا. هتي هر ڌر پاڻ کي سچ جو اڪيلو وارث سمجهي ٿي، ۽ ٻئي کي ڪوڙو، نااهل يا ملڪ دشمن قرار ڏئي ٿي. اهڙي سياست ۾ اعتماد جي گنجائش ئي ڪٿي بچي ٿي؟
حڪمران چون ٿا ته اپوزيشن ضد ڪري ٿي، اپوزيشن چوي ٿي ته حڪمران ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. پر سچ اهو آهي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو انا آهي. اها انا، جيڪا اقتدار کي حق سمجهي ٿي، ذميواري نه. اها انا، جيڪا غلطي مڃڻ کي شڪست سمجهي ٿي. نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڳالهه ٻولهه بندوق جي نال ۾ بيهي وڃي ٿي، ۽ سياسي ميز جنگ جو ميدان بڻجي وڃي ٿي.
اعتماد جو بحران تڏهن وڌيڪ خطرناڪ ٿي وڃي ٿو، جڏهن ادارا به سياست جي ڇڪتاڻ ۾ ڦاسجي وڃن. فيصلا پارليامينٽ بدران بند ڪمرن ۾ ٿين، ۽ پوءِ اميد ڪئي وڃي ته عوام اعتبار ڪري. سوال اٿي ٿو: جنهن نظام ۾ شفافيت نه هجي، ان تي ڀروسو ڪيئن ڪجي؟ جنهن سياست ۾ انصاف چونڊيل هجي، ان سان وفاداري ڇو ڪجي؟
سياسي انا رڳو تقريرن ۾ نظر نٿي اچي، اها پاليسين ۾ به زهر بڻجي وڃي ٿي. هر نئون حڪمران پراڻي فيصلي کي رد ڪري، نئون تجربو ڪري ٿو، ڀلي ملڪ ٻيهر ڀت سان لڳي وڃي. تسلسل کي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ضد کي بهادري. اهڙي سوچ ۾ نه معيشت بچي ٿي، نه رياست، رڳو انا جي مورتي سلامت رهي ٿي.
قوم ڏسي رهي آهي، پر ٻڌائي نٿي سگهي. عوام سوال پڇي ٿو، پر جواب نعرا ملن ٿا. اعتماد اهڙي ماحول ۾ دفن ٿي وڃي ٿو، جتي سياستدان هڪ ٻئي کي ڳالهائڻ جو حق به نٿا ڏين. اعتماد بندوق جي زور تي پيدا نٿو ٿئي، اهو رڳو سچ ۽ سنجيدگي سان جنم وٺندو آهي.
جيڪڏهن سياسي قوتون اڄ به پنهنجي انا کان مٿانهون نه ٿيون، ته سڀ کان وڏو نقصان حڪومت يا اپوزيشن جو نه، پر رياست جو ٿيندو. ڇو ته جڏهن اعتماد مري وڃي ٿو، تڏهن چارٽر، پاليسيون ۽ معاهدا سڀ ڪاغذ جا قبرستان بڻجي وڃن ٿا. ۽ تاريخ پوءِ صرف هڪ ئي فيصلو لکي ٿي: هن ملڪ کي بحرانن نه، اناهن تباهه ڪيو.
پاڪستان جي سياست ۾ جڏهن به “قومي مفاد” جو نعرو لڳي ٿو، تڏهن سڀ کان پهرين صوبا خاموش ڪرائڻ جي لسٽ ۾ اچن ٿا. وفاق جي ميز تي ويهي ملڪ بچائڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون، پر انهن ڳالهين جي قيمت هميشه سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي حصي مان ڪٽي ويندي آهي. سوال اهو ناهي ته صوبا ڇو ناراض آهن، سوال اهو آهي ته انهن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش آخر ڇو نٿي ڪئي وڃي؟
صوبا رڳو نقشا ناهن، رڳو ووٽن جا انگ ناهن، اهي جيئرا ماڻهو آهن، جن جون زندگيون پاليسين جي غلطين سان سڙي ويون آهن. جڏهن اين ايف سي ايوارڊ سالن تائين نه ملي، جڏهن وسيلن تي حق هوندي به اختيار نه ملي، جڏهن ترقي رڳو پاور پوائنٽ سلائيڊن تائين محدود رهي، تڏهن صوبي جي ناراضگي بغاوت نه، فطري ردعمل بڻجي وڃي ٿي. پر اقتدار جي نشي ۾ ويٺل حڪمرانن لاءِ اها ناراضگي به “سڪيورٽي مسئلو” هوندي آهي، حل نه.
سنڌ پاڻيءَ لاءِ سڪي رهي آهي، بلوچستان احساسِ محرومي ۾ سڙي رهيو آهي، خيبرپختونخوا دهشتگردي ۽ بيروزگاري جي وچ ۾ پيسجي رهيو آهي، پر وفاقي سياستدانن لاءِ سڀ ڪجهه ڪنٽرول ۾ آهي. ڇو؟ ڇو ته انهن جو عوام رڳو تقريرن ۾ جيئرو آهي، حقيقي زندگيءَ ۾ بي آواز. پاليسيون ٺاهيندڙ اهو وساري ويٺا آهن ته وفاق جو وزن صوبي جي ڪلهن تي هوندو آهي، ۽ جڏهن اهي ڪلهو جهڪي پون ٿا، تڏهن رياست جو توازن به بگڙي وڃي ٿو.
چارٽر آف اڪانومي، قومي اتفاق، سياسي مفاهمت ــ اهي سڀ لفظ تڏهن بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا، جڏهن انهن ۾ صوبن جو سچ شامل نه هجي. جيڪڏهن معيشت جو ڍانچو مرڪز ۾ ويهي ٺاهيو ويندو، جيڪڏهن فيصلا عوام کانسواءِ ٿيندا، ته پوءِ احتجاج، بي اعتمادي ۽ نفرت قدرتي نتيجو هوندو. وفاق طاقت سان هلي سگهي ٿو، پر اعتماد کانسواءِ نه.
اصل ڪهاڻي عوام جي آهي، جيڪو هر بحران ۾ قرباني ڏئي ٿو، پر هر فيصلي کان ٻاهر رکيو وڃي ٿو. مهانگائيءَ جو وار سڌو عوام جي پيٽ تي پوي ٿو، بيروزگاريءَ جو زخم نوجوانن جي ساهه ۾ لڳي ٿو، پر حڪمران اڃا به چون ٿا ته “مشڪل فيصلا” ڪرڻا پيا. سوال اهو آهي: مشڪل فيصلا هميشه عوام لاءِ ڇو، حڪمرانن لاءِ ڇو نه؟
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سياستدان پاڻ کان اهو فيصلو ڪندڙ سوال پڇن:
ڇا صوبا رڳو وسيلن جا گودام آهن يا شراڪت دار؟
ڇا عوام رڳو ووٽر آهي يا مالڪ؟
ڇا رياست طاقت سان هلائبي يا اعتماد سان؟
جيڪڏهن هن ڀيري به انهن سوالن کان ڀڄيو ويو، جيڪڏهن صوبا ٻيهر نظرانداز ٿيا، جيڪڏهن عوام کي وري قربانيءَ جو سبق ڏنو ويو، ته پوءِ ياد رکڻ گهرجي: رياست نعرا سان نه، انصاف سان بچندي آهي. تاريخ دروازي تي بيٺي آهي، ۽ هن ڀيري اهو در کڙڪائڻ نرم ناهي. اهو فيصلو ڪندڙ ڌڪ آهي ــ يا اعتماد، يا تباهي. وچ ۾ ڪجهه به ناهي.










