سرينگر(ويب ڊيسڪ)ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي ڏينهن تي اڄ سڄي دنيا ۾ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي فوجون اماڻيون، جڏهن ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪ طرفي ڪارروائي سبب والاريل ڪشمير جي صورتحال خراب ٿي وئي.وزيراعظم مطالبو ڪيو ته عالمي برادري والاريل ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان هميشه ڪشميرين سان گڏ هوندو، چاهي ڪنهن به قيمت تي نه اچي.ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، انسانيت شرمسار آهي.










