ڪيٽي بندر(سلطان کٽي) ڪراچيءَ کان ڳاڙھو ايندڙ شھزور مزدا جو ٽائر برسٽ ٿي پوڻ ڪري خطرناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي جي ڊرائيورسميت 3 ڄڻافوت ۽ 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. گاڏيءَ ۾ ڪل 26 ماڻھو سوارهئا جن مان 2 ڄڻا 42 سالن جو رحمت الله گجڙيو ۽ 46 سالن جو بچل پٽ قادر بخش ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏھن ته ڪراچي رهواسي گاڏي ڊرائيور ذڪريا ملڪائي اسپتال ڏانهن ويندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. هن وقت تائين حادثي جي فوتين جو ڪل تعدا ٽي ٿي ويوآھي. زخمين ۾ سونيا، نائلا، حنيفان، جميلا، صوبيا، ڪائنات، شاھدہ، خوشي، ملوڪان، نظيرہ، آمنہ، شڪيلا، شھباز، عزيزہ، امتياز، مقبول، حليمان ۽ علي احمد گجڙيو سميت 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ عورتن ۽ معصومن ٻارڙن جو وڌيڪ انگ شامل آھي. سمورن زخمين کي شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽرمان فوري طبعي امداد ڏيارڻ کان پوءِ ڪراچي جي جناح اسپتال ۽ سول اسپتال علاج لاءِ موڪليوويو آهي. حادثي جي ور چڙھيل ٻنهي فوتين ۽ سمورن زخمين جو تعلق گجڙيوذات جي هڪ ئي خاندان سان آھي جڏھن ته ٽئين فوتي گاڏي ڊرائيورجوتعلق ڪراچي جي شھر ريڙهي جي علائقي سان آھي. ڪراچي ريڙهي کان آصف ولد رحمت اللله گجڙيو جي مڱڻي جي سسلسلي ۾ ٻگهاڻ شھرويجهو ڳوٺ ايوب گجڙيو ۾ اچي رهيا هئا ته رستي ۾ ساڻن حادثو پيش آيو.










