ڄاڃين سان حادثو، نوجوان فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل

ٽنڊومستي (نادرعلي اڄڻ) لاڙڪاڻي روڊ تي ٽول پلازا ڀرسا ڪار موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڄڃ سان ويندڙ گهوٽ جو ويجهو مائٽ  موٽرسائيڪل سوار نوجوان سجاد علي پٽ جنيد خان جسڪاڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنهن سبب شادي واريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ فوتي نوجوان جي وارث عورتن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هيا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن فوتي نوجوان تعلقي روهڙي ضلعه سکر جي ڳوٺ خيرو جسڪاڻي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي جيڪو ڄڃ سان گڏ لاڙڪاڻي شادي ۾ وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو. پوليس ڪار ۽ ڊرائيور عاقب کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. حادثي پيش اچڻ سبب ڄاڃين ۾ روڃ راڙو مچي ويو ۽ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو