ضلعي شهيد بينظيرآباد کان 30 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي قائم پراڻو ۽ قديمي شھر ڄام صاحب جيڪو تعلقي دوڙ ۾ شامل آهي ڄام صاحب شھر کي ان جي ڪري پڻ خاص اھميت حاصل آھي تہ ھن شھر ۾ سنڌ جي مشھور سخي بزرگ سيد اصغر علي شاهه المعروف سخي ڄام ڏاتار جي درگاهه پڻ آھي جتي ھزارن جي تعداد ۾ سنڌ پنجاب کا ماڻھو اچي ڪري روحاني فيض حاصل ڪن ٿا جڏھن تہ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو پڻ سخي ڄام ڏاتار جي درگاھ تي حاضري ڀرڻ لاءِ ايندا رھندا آھن جيڪڏھن ڏٺو وڃي تہ ڄام صاحب شھر سان سانگھڙ ۽ خيرپور جون حدون پڻ ملن ٿيو لکن جي تعداد ۾ آبادي رکندڙ ھي شھر تعلقي دوڙ ۾ ھئڻ ڪري ھن شهر ۽ آسپاس وارن علائقن جي عوام سفري توڙي ڪم ڪار جي حوالي سان ڏکيائين ۽ پريشانين کي منھن ڏئي رھي آھي ڄام صاحب شھر تعلقي دوڙ ۾ شامل ھئڻ ڪري هتان جا رهواسي ڪم ڪار سانگي لاءِ دوڙ وڃڻ تي مجبور آھن جنھن لاء انھن کي ڄام صاحب کان 70 ڪلو ميٽر (ھڪ پاسو) وڃڻ لاء پهريان 30 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري نوابشاھ پھچڻ کانپوءِ وري اتان کان 40 ڪلوميٽروڌيڪ پنڌ ڪري دوڙ وڃڻون پئي ٿو جيڪو ڪنھن بہ اذيت کان گھٽ ناھي.
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران پنھنجي تڪ جي عوام ڄام صاحب واسين لا مختلف روڊن جي ٻيھر تعمير ۽ مرمت جو منصوبو شروع ڪرايو ويو آهي جنھن جو ڪم تيزي سان جاري آهي جنھن جو افتتاح پڻ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڪيو ھو جنھن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران عوام کي ٻيون بنيادي سھولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ سفري سھولتن جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي روڊن جي مڪمل ٿيڻ سان شھرين کي سفري سھولتن ۾ آساني ٿيندي جيڪو ھڪ سٺو عمل آهي
ڄام صاحب شھر ۽ آسپاس وارن ماڻھن جي خواھش ۽ مطالبو آھي تہ ڄام صاحب شھر کي تعلقي جو درجو ڏئي روينيو، سميت ٻيون آفيسون قائم ڪرڻ کان علاوه شھر ۾ وڌيڪ بينڪون کولي اي ٽي ايم مشينون لڳائڻ، تعلقہ اسپتال، اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ وڌيڪ ڪلاس ھلائڻ لاءِ استادن ۽ عملي جي مقرري، لائبريري جي قيام، روڊن رستن سميت سخي ڄام ڏاتار جي قبرستان کي چوديواري ڏيارڻ ء ٻين ميونسپل سروسز جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ڇاڪاڻ ته تعليم، صحت، پئيڻ جي پاڻي سميت ٻيون بنيادي سھولتون ھتان جي عوام جي بنيادي حقن ۾ شامل آهن عوام پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه،ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن رشيد احمد زرداري، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊويزن ۽ ضلع عملدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڄام صاحب شھر کي تعلقي جو درجو ڏياريو وڃي ته جئين ھتان ۽ آسپاس جي عوام جا دوڙ وڃڻ جي بجائي ھتان مسئلا حل تي سگھن ۽ عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.
اعجازتيوڻو










