ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبليءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي جمهوري هيرو ۽ شهيد قرار ڏيڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو،سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد ذريعي وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري سطح تي شهيد قرار ڏنو وڃي. ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڀٽو ڪالھ به زنده هو ۽ اڄ به زنده آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کي سياسي شهيد قرار ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، ظلم جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي، شهيد کي انصاف ملڻ تي اسان جون دليون خوش هيون، پر اسان جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون.هن چيو ته وفاقي حڪومت کان سياسي شهيدن لاءِ ايوارڊ جو مطالبو ڪنداسين.










