ڀٽائي جي عرس تي سڀاڻي عام موڪل جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

ڀٽائي جي عرس تي سڀاڻي عام موڪل جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 1466هين عرس مبارڪ جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب سموري صوبي ۾ سڀاڻي 20 آگسٽ اڱاري تي عام موڪل هوندي. ان موقعي تي سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون بند رهنديون.ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سڀاڻي عدالتن ۾ موڪل جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع محمد صديقي سڀاڻي جي موڪل جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي پرنسپل بينچ ۽ سرڪٽ بينچز بند رهنديون، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص بينچز به بند رهنديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو