ڀينرن کي 71 سالن کانپوءِ وراثتي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم

ڀينرن کي 71 سالن کانپوءِ وراثتي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن عورتن کي وراثتي حقن کان محروم ڪرڻ خلاف تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس شاهد بلال حسن 71 سالن کانپوءِ ڀينرن ۽ ماءُ کي ملڪيت مان محروم ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کين وراثتي ملڪيت مان حصو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس شاهد بلال حسن قرار ڏنو ته وراثت مردن جي ڪا مھرباني ناهي پر شرعي ۽ قانوني حق آهي، عورتن کي محروم ڪرڻ لاءِ جعلي هبو (تحفو)، فراڊ ۽ خانداني دٻاءُ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. 1955ع ۾ پيءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ ٻنهي ڀائرن وراثتي ملڪيت پنهنجي نالي منتقل ڪرائي هئي ۽ زباني هبي کي بنياد بڻائي ماءُ ۽ ڀينرن کي ملڪيت کان محروم ڪري ڇڏيو هو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ ٻه رکني بينچ نور محمد جي اپيل تي 14 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو. عدالت واضح ڪيو ته وراثت خاندان جي مردن جي مھرباني يا اختيار تي نه پر هر وارث جو شرعي ۽ قانوني حق آهي، جيڪو مالڪ جي وفات سان ئي پاڻمرادو منتقل ٿي ويندو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته عورتن کي وراثت کان محروم ڪرڻ لاءِ جعلي هبي، جعلي انتقال، فراڊ، خانداني دٻاءُ يا ريتن رسمن کي هرگز برداشت نٿو ڪري سگهجي. عدالتن تي لازم آهي ته اهي عورتن کي وراثت کان محروم ڪندڙ هر ٽرانزيڪشن ۽ معاهدي جو انتهائي احتياط سان جائزو وٺن ته جيئن ڪنهن به عورت جو بنيادي حق کسجڻ نه ڏنو وڃي.جسٽس شاهد بلال حسن فيصلي ۾ لکيو ته عورتن جا وراثتي حصا علامتي يا اختياري ناهن پر لازمي حق آهن. عورتن کي خانداني عزت، روايت يا سماجي دٻاءُ جي نالي تي وراثت کان محروم نٿو ڪري سگهجي.فيصلي ۾ چيو ويو ته رياست، عدالتون ۽ روينيو اختيارين عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ جا ذميوار آهن، جڏهن ته عورتن کي صرف ڪاغذن تي نه پر عملي طور به سندن حق ملڻ گهرجي. عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته قانون جو جهڪاءُ هميشه عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ ڏانهن هجڻ گهرجي، نه ڪي انهن کي ختم ڪرڻ ڏانهن.عدالتي فيصلي موجب رڪارڊ مان ثابت ٿيو ته 1955ع ۾ پيءُ جي وفات کانپوءِ ٻنهي ڀائرن وراثتي ملڪيت پنهنجي نالي منتقل ڪرائي ۽ زباني هبي کي بنياد بڻائي ماءُ ۽ ڀينرن کي ملڪيت کان محروم ڪيو. درخواست گذارن مؤقف اختيار ڪيو هو ته هي زباني هبو جعلسازي ذريعي منظور ڪرايو ويو هو. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته زباني هبي کي ثابت ڪرڻ جو بار (ذميواري) ان ڌر تي هوندو آهي جيڪا ان مان فائدو حاصل ڪري رهي هجي.عدالت چيو ته ٽرائل ڪورٽ ثبوتن جي ذميواريءَ جو درست جائزو وٺڻ بدران خود هبي کي ئي ثبوت تسليم ڪري ورتو، جيڪو قانون جي سراسر خلاف هو. عدالت موجب ٽرائل ڪورٽ، اپيليٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا حقيقتن ۽ قانون ٻنهي جي ابتڙ هئا.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيتوڻيڪ هاءِ ڪورٽ اهو مؤقف اختيار ڪيو هو ته زباني هبي کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين چيلينج ناهي ڪيو ويو، پر ان دير جي باوجود هبو ثابت ڪرڻ فائدو وٺندڙن جي ذميواري هئي. رڪارڊ مان اهو به ظاهر ٿيو ته معاهدي کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين ماءُ ۽ ڀينرن کي زمين جي آمدني مان حصو ملندو رهيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته کين مبينا هبي کان بي خبر رکيو ويو هو.سپريم ڪورٽ دير سان دعويٰ داخل ڪرڻ جو بنياد به رد ڪندي درخواست گذارن جي اپيل منظور ڪري ورتي ۽ سمورن ماتحت عدالتن جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي لاڳاپيل روينيو اختيارين کي وراثتي رڪارڊ قانون موجب درست ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو