نوشھرو فيروز )ن سنڌيار)ڀرياروڊ ڀرسان گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول خدابخش ٻرڙو بنياسي سھولتن کان محروم آھي اسڪول اندر 100 کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي ان سلسلي ۾ ڳوٺ معزز شخصيت سوشل سماجي ورڪر امتياز ٻرڙو ٻڌايو ته اسان جي آسپاس جي مختلف ڳوٺن جا شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا پر اسڪول اندر شاگردن جي ويھڻ لا۽ بينچون توڙي باٿ روم پيئڻ جو صاف پاڻي چوديواري سميت استادن جي ويھڻ لا۽ ڪابـ چيئر ناھي جڏھن ته اسڪول اندر بجلي جي ڪا به سھولت ناھي ھن ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ ڀرياروڊ کان 12 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آھي ھتان جا شاگرد بي يارو مددگار بڻيل آھن ھن ٻڌايو ته ٻارڙا نٽھڻ اس ۾ وڻن جي ڇانو ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن تعليم کاتي واران ڪي به انتظام ناھن ڪيا ھن ٻڌايو ته تعلقـ ايجوڪيشن آفيسر سان اسڪول جي مسئلن بابت رابطو ڪيو ته ھن صاحب جو چوڻ ھو ته اسڪول جي فرنيچر لا۽ پاڻ بندوبست ڪيو اسان وٽ فنڊز ناھن ھنن اعلي اختيارين تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته گورنمنٽ پرائمري اسڪول خدابخش ٻرڙو کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ته جينئن غريب ۽ مسڪين ڳوٺاڻن جا ٻار تعليم پرائي سگھن










