ڀاشا ڊيم جي ٺيڪي ۾ 55 ارب جو گهپلو ٿيو، آڊيٽر جنرل

ڀاشا ڊيم جي ٺيڪي ۾ 55 ارب جو گهپلو ٿيو، آڊيٽر جنرل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ڀاشا ڊيم جي ٺيڪي ۾ ساڍا 55 ارب روپين جي گهپلي ۽ مالي بد انتظامي جي نشاندهي ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي سي ون موجب منصوبي جي لاڳت 336 ارب 50 ڪروڙ مقرر ڪئي وئي ۽ چائنا پاور ڪمپني کي ٺيڪو 442 ارب کان مٿي ڏنو ويو. چائنا پاور ڪمپني انجنيئرنگ ڪائونسل جي معيار تي نٿي لهي ۽ سندن پاڪستاني پارٽنر ايف ڊبليو او گذريل 20 سالن ۾ هائيڊل منصوبي يا آبپاشي جو ڪو به 3 اقرب روپين ج منصوبو لڳائڻ جو تجربو نٿو رکي. هڪ ته پيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪئي وئي ۽ ٻولي جو جائزو وٺڻ جي تقاضا به پوري نه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو