ڀارت ۾ ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، 2 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي

ڀارت ۾ ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، 2 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ ٽرين پٽڙي تان لهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست جهرڪنڊ ۾ 18 بوگين سان ڀريل ٽرين ممبئي ويندڙ حادثو پيش آيو ۽ پٽڙي تان لهي وئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمن سميت لاڳاپيل ادارا واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ 20 زخمي مسافرن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو، جڏهن ته 2 مسافر فوت ٿي ويا.ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته هڪ مال بردار ٽرين به ساڳئي هنڌ تان پٽڙي تان لهي وئي، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته ٻئي حادثا گڏ ٿيا يا نه.اختيارين موجب مسافر ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر حادثي سبب ٽرين جو شيڊول پڻ متاثر ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو