ڀارت پنهنجو سڀ کان وزني سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيو

ڀارت پنهنجو سڀ کان وزني سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيو

نئين دھلي (ويب ڊيسڪ)هندستان جي خلائي اداري پنهنجو سڀ کان وڏو سيٽلائيٽ لانچ ڪيو آهي، هندستاني خلائي تحقيق تنظيم (اسرو) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهو هندستان جي سرزمين تان لانچ ڪيل سڀ کان وڏو پيل لوڊ آهي.LVM3-M6 راڪيٽ آمريڪا جي ٺاهيل AST اسپيس موبائيل مواصلاتي سيٽلائيٽ کي گهٽ زمين جي مدار ۾ کڻي ويو، لانچ هندستان جي گهٽ قيمت واري خلائي پروگرام کي فروغ ڏئي ٿو، جنهن ۾ ايندڙ سالن ۾ غير عملدار مداري مشن ۽ انساني خلائي پرواز جا منصوبا شامل آهن،سيٽلائيٽ جو وزن 6,100 ڪلوگرام (13,448 پائونڊ) آهي،هندستان تيزي سان وڌندڙ ڪمرشل سيٽلائيٽ ڪاروبار جي هڪ وڏي حصي تي نظر رکي ٿو ڇاڪاڻ ته فون، انٽرنيٽ ۽ ٻيون ڪمپنيون وسيع ۽ اعليٰ معيار جي مواصلات جي ڳولا ۾ آهن،هندستان اهو به چوي ٿو ته هو 2027 ۾ پنهنجي پهرين انساني خلائي پرواز کان اڳ هڪ غير انسان مداري مشن لانچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جڏهن ته هندستاني وزيراعظم نريندر مودي پڻ 2040 تائين چنڊ تي خلاباز موڪلڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي،هن سال جي شروعات ۾، اسرو CMS-03 مواصلاتي سيٽلائيٽ لانچ ڪيو، جنهن جو وزن تقريباً 4,410 ڪلوگرام هو.

پهنجو تبصرو موڪليو