ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري پيو

ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري پيو

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارتي نمائندي جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.پاڪستاني سفارتڪار انصار شاهه سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته ڀارت زميني صورتحال کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفو معطل ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته آگسٽ 2025ع ۾ ثالثي عدالت چئي چڪي آهي ته سنڌ طاس معاهدو نافذ العمل آهي؛ گڏيل آبي وسيلن کي سياسي دٻاءُ لاءِ استعمال ڪرڻ معاهدن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، ڀارت جو هي عمل علائقائي ۽ عالمي امن توڙي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.انصار شاهه وڌيڪ چيو ته ٻي ڳالهه دهشتگردي بابت آهي، ڀارت جو بي بنياد الزام اصل ۾ پاڪستان خلاف ان جي دهشتگردي جي سرپرستي ۽ مالي مدد تان پردو هٽائڻ جي ڪوشش آهي. ڀارت جي حمايت يافته دهشتگرد گروهن، جن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP)، بلوچ لبريشن آرمي (BLA) ۽ مجيد بريگيڊ شامل آهن، پاڪستان ۾ هزارين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي شهيد ڪيو آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. پاڪستاني سفارتڪار وڌيڪ ٻڌايو ته اتر آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ ماوراءِ عدالت قتل جي ڪاررواين ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت به سڀني جي سامهون آهن، ڀارت دهشتگردي جو شڪار ناهي پر دهشتگردي جو سرپرست آهي.ڀارتي نمائندي کي آئينو ڏيکاريندي انصار شاهه چيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي جو پڻ مرتڪب آهي، خاص طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ جمال ۽ ڪشمير ۾، جتي ڪشميري عوام کي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي کلي ڀڃڪڙي ڪندي حقِ خوداراديت کان مسلسل محروم رکيو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته ڀارت گڏيل قومن جي منشور، خاص ڪري آرٽيڪل 25 جي تحت پنهنجي ذميوارين کي مسلسل نظرانداز ڪري رهيو آهي، جنهن موجب سمورا ميمبر ملڪ سلامتي ڪائونسل جي فيصلن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن. جمون ۽ ڪشمير نه ڪڏهن ڀارت جو حصو هو ۽ نه ئي آهي؛ قابض طاقت جي ڪنهن به هڪطرفي يا غير قانوني قدم سان جمون ۽ ڪشمير جي تاريخي، قانوني ۽ تڪراري حيثيت تبديل نٿي ڪري سگهجي. انصار شاهه وڌيڪ چيو ته ڀارت کي گهرجي ته هو عالمي قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تحت پنهنجون سموريون قانوني ذميواريون پوريون ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو