چنڊي ڳڙھ (ويب ڊيسڪ): ڀارت جي چنڊي ڳڙھ واري مقامي عدالت ناميارائي اداڪار سلمان خان، سندس ڀيڻ الويريا خان اگني هوتري ۽ ’اسٽائل اينڊ ڪنٽينٽ جيولري پرائيويٽ ليميٽڊ‘ جي ڊائريڪٽرن کي مبينا فراڊ جي ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب عدالت تمام ڌرين کي 5 آڪٽوبر تي شخصي طور پيش ٿي الزامن تي پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. هي ڪيس چنڊي ڳڙھ جي مقامي واپاري ارون گپتا جي درخواست تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جو موقف آهي ته کيس ’بينگ هيومن‘ جيولري شوروم کولڻ لاءِ ڪوڙو آسرو ڏئي آماده ڪيو ويو، جنهن سبب کيس ڪروڙين روپين جو شديد مالي نقصان ۽ ڌڪ رسيو آهي.درخواستگذار موجب هن شوروم قائم ڪرڻ لاءِ تقريبن 3 ڪروڙ روپين جي سيڙپڪاري ڪئي، جنهن مان 1 ڪروڙ روپيا رڳو شوروم جي تعمير ۽ تزيين و آرائش تي خرچ ٿيا. پر شوروم کلي وڃڻ بعد ڪمپني وعدي موجب ڪاروباري سهڪار فراهم نه ڪيو ۽ فيبروري 2020ع کان جيولري سپلاءِ ڪندڙ اسٽور بند هجڻ سبب ڪاروبار برباد ٿي ويو.ٻئي طرف ڪمپني ان الزامن کي سختيءَ سان رد ڪندي وضاحت ڪئي آهي ته 2018ع واري معاهدي ۾ سلمان خان جو بلاواسطه ڪو به ڪردار نہ هو، جڏهن ته سلمان خان فاؤنڊيشن 2015ع ۾ رڳو برانڊ جو لائسنس ڏنو هو ۽ جيولري جي ڪاروبار جي تمام تر ذميواري ڪمپنيءَ تي هئي. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تي ٿيندي.










