ڀارتي اداڪار وجئي جي تڪراري افطار پارٽي تي فتويٰ جاري

ڀارتي اداڪار وجئي جي تڪراري افطار پارٽي تي فتويٰ جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ)آل انڊيا مسلم جماعت جي صدر مولانا شهاب الدين رضوي بريلوي تامل ناڊو جي اداڪار ۽ سياستدان وجي خلاف فتويٰ جاري ڪري ڇڏي آهي.مولانا شهاب الدين رضوي بريلوي اربع ڏينهن هندستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي، وجئي تي تنقيد ڪئي ته هو پنهنجي فلمن ۾ مسلمانن کي منفي انداز ۾ پيش ڪري ٿو ۽ پنهنجي افطار پارٽين ۾ جوا ۽ شراب نوشي ۾ ملوث ماڻهن کي دعوت ڏئي ٿو.انهن چيو ته هڪ طرف، وجئي هڪ سياسي پارٽي ٺاهي آهي ۽ مسلمانن سان خوشگوار لاڳاپا برقرار رکي ٿو، ۽ ٻئي طرف، هو پنهنجين فلمن ۾ مسلمانن کي دهشتگرد طور ڏيکاري ٿو ۽ جوارين ۽ شراب پيئندڙن کي افطار پارٽين ۾ دعوت ڏئي ٿو. مولانا شهاب الدين رضوي چيو ته وجئي جي رويي جي ڪري، تامل ناڊو جا سني مسلمان هن کان ناراض آهن ۽ مون کي هن معاملي تي فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ چيو آهي.هو چوي ٿو ته جواب ۾، مون فتويٰ جاري ڪئي آهي ته مسلمانن کي وجئي سان گڏ نه بيهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو