ڀارتي اداڪار جو ڦندي تي لٽڪيل لاش هٿ

ڀارتي اداڪار جو ڦندي تي لٽڪيل لاش هٿ

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي تيلگو فلمن جي اداڪار شري واستو چندراسيڪر جي گهر مان ڦندي تي لٽڪيل لاش مليو آهي. ٽائمز آف انڊيا موجب هو ويب سيريز ولامائي ٿرايو جو حصو هو ۽ هڪ فلم م شوٽنگ به هلندڙ هئي. هو گهران فلم جي شوٽنگ جي بهاني نڪتو ۽ خاندان جي بند پيل گهر ۾ خودڪشي ڪئي. ڀارتي ميڊيا موجب هو نفسياتي مسئلن جو شڪار هو ۽ سندس علاج به هلندڙ هو. هن يوٽيوب لاءِ هڪ ويب سيريز تيار ڪئي جيڪا ٽي وي تي پرائم ٽائم ۾ نشر ٿي ۽ ڪافي مقبوليت ماڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو