ڀارتي اداڪارا جي جعلي وڊيو اپ لوڊ ڪندڙ 4 ڄڻا سوگها

ڀارتي اداڪارا جي جعلي وڊيو اپ لوڊ ڪندڙ 4 ڄڻا سوگها

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پوليس اداڪارا ريشميڪا منڊانا جي جعلي وڊيو ڪيس ۾ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،ڀارتي ميڊيا موجب تازو ئي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جي مدد سان ٺاهيل 27 سالن جي اداڪارا ريشميڪا منڊانا جي هڪ جعلي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب پوليس اداڪارا جي جعلي (ڊيپ فيڪ وڊيو) وڊيو آن لائن اپ لوڊ ڪرڻ ۾ ملوث 4 جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار جي ڳولا جاري آهي.ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته اهي 4 ماڻهو وڊيو ٺاهيندڙ نه پر وڊيو اپ لوڊ ڪندڙ آهن، جڏهن ته ان ڪيس جي اصلي ۽ اصلي جوابدار جي ڳولا جاري آهي.ڀارتي ميڊيا موجب جوابدار جعلي سڃاڻپ استعمال ڪندي اداڪارا جي جعلي وڊيو انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪئي هئي ۽ ان حوالي سان هڪ مهينو اڳ ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي هئي.ڀارتي ميڊيا موجب ميٽا ڪمپني طرفان فراهم ڪيل تفصيلن جي مدد سان چئن مان ٽن ماڻهن کي ٽريڪ ڪيو ويو.ياد رهي ته ميٽا ڪمپني فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جهڙن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي مالڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو