ڀارتي اداڪارا جم ٽرينر سان شادي ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ديولينا ڀٽاچارجي پنهنجي جم ٽرينر شاهنواز شيخ سان شادي ڪري ورتي آهي، ديولينا اسٽار پلس جي ڊگھي عرصي کان هلندڙ مشهور ڊرامي ”سٿ نبھانا ساٿيا“ ۾ گوپي مودي جو ڪردار ادا ڪندي مشهور آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ديولينا سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي جم ٽرينر شاهنواز سان سندس شادي جون تصويرون پوسٽ ڪندي سندس مداحن انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي هئي، رپورٽن مطابق شادي جي تقريب ممبئي جي ويجهو هيل اسٽيشن لوناوالا ۾ ٿي. ديوولينا سوشل ميڊيا تي شادي جون تصويرون پوسٽ ڪندي پنهنجي مڙس جي ساراهه ڪندي لکيو ته، ”جيڪڏهن مان تو کي چراغ کڻي به ڳوليان، مون کي تو جهڙو ڪجهه به نه ملندو، تون منهنجي درد ۽ دعائن جو جواب آهين.

پهنجو تبصرو موڪليو