ٿڌ ۾ واڌ، مڇي ۽ گرم ڪپڙن جي وڪري ۾ اضافو

ٿڌ ۾ واڌ، مڇي ۽ گرم ڪپڙن جي وڪري ۾ اضافو

سکر(جئيرام داس) ڪوئٽا جون ٿڌيون هوائون پهچڻ بعد سکر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ٿڌ ۾ اضافو، مڇي جو وڪرو چوٽ چڙهي ويو، دڪاندارن مڇي جا اگھه وڌائي ڇڏيا، لنڊي بازار ۾ رش، خبرموجب سکر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ٿڌ ۾ اضافي بعد شهرين توڙي ڳوٺاڻن جو لنڊي بازارن ۽ دڪانن تي گرم ڪپڙن جي خريداري لاءِ رش وڌي ويو آهي، شهر جي مينارا روڊ، گھنٽا گھر، انور پراچا روڊ، ميونسپل اسٽيڊيم وارن علائقن ۾ قائم لنڊي بازارن ۾ وڏي تعداد ۾ شهري خريداري لاءِ پهچي ويا آهن. هوڏانهن سکر ۽ روهڙي شهر ۾ ٿڌ ۾ اضافي بعد مڇي وڪرو ڪندڙ ماڻهن پڻ مڇي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ شهرين احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته انتظاميا پاران مڇي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪرڻ تي دڪاندار من پسند ريٽ اڳاڙي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي. هوڏانهن ڪراچي ۾ به پڻ ٿڌيون هوائون شروع آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ رڪارڊ ٿڌ ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو